ڪربلا جي شهيدن جي سوڳ ۾ 3 ڊسمبر بروز خميس تي ايم ڪيو ايم جون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رهنديون. ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي: 2 ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ ڪربلا جي شهيدن جي سوڳ ۾ 3 ڊسمبر بروز خميس تي پنهنجيون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اعلان جي مطابق امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جون سموريون تنظيمي ۽ اليڪشن سرگرميون معطل رهنديون.
*****