Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 12/2/2015
ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
تعصب وارو ذهڻ رکڻ وارا ڪراچي جي عوام تي بيهوده الزام لڳائي ڪري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اسان ڪراچي کي پاڪستان جو هڪ مثالي ۽ ماڊل صوبو بڻائينداسين.
شاھ فيصل ڪالوني، ملير ۽ بلديه ٽائون ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن کي هڪ ئي وقت خطاب.
لنڊن: 2 ڊسمبر 2015 
               متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته تبت سينٽر جي ويجهو ملٽري پوليس تي انهن دهشت گردن حملو ڪيو آهي جيڪي ملڪ ۾ جمهوريت ۽ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ اهي چاهين ٿا ته ملڪ تي 70 سالن کان رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام مسلط رهي ۽ موروثي سياست جا محافظ پنهنجن ٻارن ٻچن کي اقتدار ۾ آڻيندا رهن. تعصب وارو ذهڻ رکڻ وارا ڪراچي جي عوام تي ان قسم جا بيهوده الزام لڳائي ڪري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن شاھ فيصل ڪالوني، ملير ۽ بلديه ٽائون ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر ميٽنگن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. ٽنهي هنڌن جي ڪارنر ميٽنگن ۾ بزرگن، عورتن ۽ نوجوانن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم ويب ٽي وي جي ذريعي ٽنهي هنڌن جي پروگرامن کي سڄي دنيا ۾ ڏيکاريو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ڪراچي جي علائقي تبت سينٽر جي ويجهو دهشت گردي جي واقعي جي مذمت ڪندي ملٽري پوليس جي گاڏي تي دهشت گردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن اهلڪارن ارشد ۽ ارشاد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار به ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ان افسوسناڪ واقعي تي ٽي وي چينلن تي تبصرا ڪيا پيا وڃن ته اهو حملو ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن جو رڌ عمل  ٿي سگهي ٿو. پر تعصب وارو ذهڻ رکڻ وارا ڪراچي جي عوام تي ان قسم جا بيهوده الزام هڻي ڪري دنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سازشي عناصرن بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باھ هڻڻ جو الزام به ايم ڪيو ايم تي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجھھ تجزيه نگارن ۽ اينڪر پرسنن صفورا چورنگي تي اسماعيلي برادري جي بس تي فائرنگ جي واقعي ۾ به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جڏهن پوليس ان واقعي ۾ ملوث عناصرن کي گرفتار ڪيو ته انهن جو تعلق جماعت اسلامي ۽ ان جي شاگرد تنظيم جميعت سان نڪتو. پر ان تي ڪوئي هڪ به لفظ ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. انهن فرمايو ته تبت سينٽر تي حملو ڪرڻ وارا  ملڪ ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ نه ٿا چاهين. اهي چاهين ٿا ته ملڪ تي 70 سالن کان رائج فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه  نظام مسلط رهي ۽ موروثي سياست جا محافظ پنهنجن ٻارن ٻچن کي اقتدار ۾ آڻيندا رهن. انهن فرمايو ته عام اليڪشن ۾ اهي جاگيردار ۽ وڏيرا قسمون کڻي ڪري عوامي مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏيارين ٿا. پر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوام انهن جون شڪليون ڏسڻ جي لاءِ ترسن ٿا ۽ انهن جا چهرا صرف اليڪشن جي موقعي تي ئي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. چونڊيل جمهوري حڪومتن جي دور ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائڻ کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو وڃي ٿو، ڇو ته جاگيردار ۽ وڏيرا نه ٿا چاهين ته حڪومت جو انتظام گراس روٽ ليول تائين پهچي. انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن غريب عوام کي رڍون ۽ ٻڪريون سمجهيو آهي ۽ انهن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته بلديه ٽائون، ملير ۽ شاھ فيصل ڪالوني ڪراچي جا پري وارا علائقا آهن ، انهن علائقن جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي جائز مسئلن جي حل جي لاءِ ڪنهن به حڪومت ڪا به توجه نه ڏني آهي. سازشي عناصرن انهن علائقن ۾ اسڪولن ۽ اسپتالن جي تعمير جي بجاءِ هتي قتل و غارتگري جو بازار گرم رکيو ته جيئن انهن علائقن جا عوام امن ۽ سڪون، سٺي تعليم ۽ سٺي صحت جي سهولتن کان محروم رهن.  ايم ڪيو ايم جي خلاف 19 جون 1992 کان آپريشن جاري آهي ، ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ بلديه ٽائون سميت شهر جي ٻين علائقن جي ڪارڪنن ۽ عوام کي رياستي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هزارين ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو آهي. انهن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي. هزارين ماڻهن کي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پر ڪارڪن ۽ حق پرست عوام خراج تحسين جي لائق آهن جو اهي جام شهادت ته نوش ڪندا رهيا، قيد جون تڪليفون ته برداشت ڪندا رهيا پر انهن جيئي ايم ڪيو ايم جو نعرو هڻڻ نه ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته 2013 جي عام اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي اليڪشن مهم هلائڻ کان روڪيو ويو. ايم ڪيو ايم  جي اليڪشن آفيسن تي بمن سان حملا ڪيا ويا. پر پوءِ به عوام ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ئي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻايو. پر ايم ڪيو ايم جي مينڊيٽ کي اڄ تائين  تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي لاءِ ڪراچي آپريشن جو آغاز ڪري سوين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو. انهن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ايم ڪيو ايم انصاف جي حصول جي لاءِ هر دروازو کڙڪايو پر مظلومن جي ڌانهن ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه آهي ۽ ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت ڪراچي جي عوام تي ظلمن جي خلاف ڪو به احتجاج ۽ آواز بلند نه ڪئي. انهن فرمايو ته ڪراچي جي عوام تي ڪيل ظلمن تي خاموشي اختيار ڪرڻ وارا اڄ اچانڪ برساتي ڏيڏرن وانگر نڪري آيا آهن ۽ دعوٰي ڪري رهيا آهن ته اهي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيندا. جناب الطاف حسين بلديه ٽائون، ملير ۽ شاھ فيصل ڪالوني جي عوام کان پچيو ته ڇا ڪراچي دشمن عناصر  ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيئي سگهن ٿا ؟ جنهن تي ٽنهي پنڊالن جي عوام چيو ته هرگز به نه. ان موقعي تي ٽنهي پنڊالن جي عوام جناب الطاف حسين جي حق ۾ زبردست نعري بازي به ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي اهو وقت اڄ به سٺي نموني ياد آهي.جو جڏهن مان ملير، شاھ فيصل ڪالوني ۽ بلديه ٽائون ۾ ايندو هوس ۽ هتان جا عوام مون سان بي پناھ محبت جو اظهار ڪندا هئا. پر حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اهو پسند نه آيو ۽ مون کي جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو. مان 25 سالن کان پنهنجن پيارن کان پري آهيان. پر الله سائين جو ڪرم آهي ته نه مان عوام کي ڇڏيو ۽ نه عوام مون کي ڇڏيو. انهن فرمايو ته  اڄ صرف مهاجر ئي نه بلڪه پنجابي، پختون، بلوچ، سنڌي، سرائيڪي، هزاري وال، گلگتي بلتستاني، ڪڇي، ميمڻ، ڪاٺياواڙي، مار واڙي، بوهري، آغا خاني، اسماعيلي، احمدي، هندو، سک ۽ عيسائي سڀ ماڻهو ايم ڪيو ايم سان گڏ آهن ۽ ايم ڪيو ايم کي ئي ڪامياب بڻائيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان 5 ڊسمبر کان پوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ قرارداد  پيش ڪنداسين ۽ پٽيشن به دائر ڪنداسين ته ملڪ جي آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي. ان جي ڪري گڊ گورننس ، ملڪ کي ترقي ڏيڻ ، عوام کي هيٺين سطح تائين اختيار ڏيڻ ۽ عوام جو احساس محرومي دور ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ 20 صوبا بڻايا وڃن. انهن فرمايو ته اڄ تائين اسان کي هن زمين جو پٽ نه هجڻ جا طعنا ڏنا وڃن ٿا پر جڏهن اسان جو صوبو هوندو ته ڪوئي به اهو طعنو اسان کي نه ڏيئي سگهندو . جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪراچي ۾ رهڻ وارين سمورين قومن ۽ برادرين جي ماڻهن کي اهو يقين ڏياريان ٿو ته جيڪو به ڪراچي ۾ پنهنجن ٻارن بچن سان گڏ رهي ٿو. ان جو صوبي تي برابر جو حق هوندو ۽ تقرريون رنگ و نسل ۽ زبان جي بنياد تي نه بلڪه ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون. انهن فرمايو ته اسان ڪراچي کي پاڪستان جو هڪ مثالي ۽ ماڊل صوبو بڻائينداسين. جتي امن ۽ استحڪام هوندو، ترقي ۽ خوشحالي هوندي ۽ عوام کي سڪون ۽ تحفظ ملندو. جناب الطاف حسين عوام کي چيو ته اهي 5 ڊسمبر تي پنهنجو فرض سمجهندي ووٽ وجهڻ ضرور وڃن ۽ پنهنجي اتحاد سان ايم ڪيو ايم کي ڪامياب بڻائين. 
*****

6/16/2024 11:42:16 PM