Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون، فساد نه ٿا چاهيون، خدا جي لاءِ اسان کي پاڪستان جو دشمن نه سمجهو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون، فساد نه ٿا چاهيون، خدا جي لاءِ اسان کي پاڪستان جو دشمن نه سمجهو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 12/1/2015
اسان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون، فساد نه ٿا چاهيون، خدا جي لاءِ اسان کي پاڪستان جو دشمن نه سمجهو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
آرمي چيف، انهن جي سمورن نائبن، ڪورڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجر ۽ اسٽيبلشمينٽ کي قائد تحريڪ جو پيغام.
ڪراچي جي علائقي لائينز ايريا جي واٽر گرائونڊ ۾ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب
لنڊن: پهرين ڊسمبر 2015 
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف، انهن جي سمورن نائبن، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ سان وڙهڻ نه ٿا چاهيون، اسان فساد نه ٿا چاهيون، خدا جي لاءِ اسان کي پاڪستان جو دشمن نه سمجهو. ڪجھھ ماڻهن جي غلطين يا ڪوتاهين کي پارٽي جي پاليسي نه سمجهيو وڃي. اوهان ايم ڪيو ايم کي دشمن سمجهڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم کي پنهنجو سمجهو. اسان ۽ اوهان گڏجي ڪري ملڪ جي جيڪا خدمت ٿي سگهي ٿي اها ڪريون. جتي جتي غلطيون ٿيون آهن اوهان اسان کي ضرور ٻڌايو، انهن جي نشاندهي ڪريو، اسان انهن کي دور ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ۽ ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر جي لاءِ منهنجو خصوصي پيغام آهي ۽ مون کي اميد آهي ته ان جو مثبت جواب ايندو. جناب الطاف حسين فوجي قيادت کي پنهنجو خصوصي پيغام مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ لائينز ايريا واٽر گرائونڊ ۾ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڏنو. جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ جلسي گاھ گرائونڊ کان علاوه آس پاس ۾ به ڀريل هئي. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فوجي قيادت کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان 2013 ۾ آپريشن شروع ڪيو هو. ان دوران ايم ڪيو ايم جون تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ اڄ به ٿي رهيون آهن. سڀ ڪجھھ آهي ، گهٽ وڌ ٿيندو رهيو، اوهان کان به سخت ڳالهيون ٿينديون رهيون. اسان کان به سخت ڳالهيون ٿينديون رهيون. هاڻي ڳالھھ کي ختم ڪريو. اسان اوهان کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهارين ۽ دهشت گردن جي لاءِ ڪائي به جڳھھ نه آهي. ان حوالي سان اسان وٽ زيرو ٽوليرنس آهي. اسان فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي يقين ڏياريون ٿا ته اسان ڪراچي ۾ هجون، حيدرآباد ۾ هجون، جتي به هجون، اسان Ethenic Diversities ( لساني نا اتفاقي) تي نه بلڪه Ethenic Harmony ( لساني هم آهنگي) تي يقين رکون ٿا. دوستي تي يقين رکون ٿا. ڀائي چاري تي يقين رکون ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڊي جي رينجر جنرل بلال اڪبر جي توسط سان فوج جي اعلٰي قيادت تائين اهي ڳالھھ پهچائڻ چاهيان ٿو ته  اليڪشن خيريت سان ٿي وڃي. اوهان به رينجر وارن کي هدايت ڪريو ته اهي غيرجانبداري جو مظاهرو ڪن. مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مان ايم ڪيو ايم جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ڪامياب ٿين، اسان ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيتريون به لساني قومون رهن ٿيون. ڀلي اهي پنجابي هجن، پختون هجن، سنڌي هجن، بلوچ هجن، سرائيڪي هجن، هزاري وال هجن، گلگتي هجن، بلتستاني هجن، ڪشميري هجن، غير مسلم هجن ۽ ڀلي ڪنهن به عقيدي يا مسلڪ سان تعلق رکندڙ هجن اسان سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪنداسين. سڀني جي خدمت ڪنداسين. سڀني کي گڏ وٺي ڪري هلنداسين. اوهان اسان کي پنهنجو سمجهو ۽ شهر جي ترقي جي لاءِ ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ اسان جي صلاحيتن مان فائدو وٺو، حقيقي دهشت گرد ڪم ڪري رهيا آهن. پر رينجر ۽ پوليس حقيقي جي دهشت گردن جي مدد نه ڪن ۽ انهن کي غنڊه گردي ڪرڻ جي اجازت نه ڏين. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ لائينز ايريا جي ڪارڪنن ۽ عوام جي قربانين ۽ ڏکين حالتن جي باوجود تحريڪ جو ساٿ ڏيڻ تي انهن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته لائينز ايريا جي عوام ۽ ڪارڪنن جنهن ثابت قدمي ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي. ان جي ڪائي به مثال نه ٿي ملي. انهن فرمايو ته 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ٿيو ته حقيقي جي دهشت گردن اهو چوڻ شروع ڪري ڏنو هو ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي. انهن لائينز ايريا جي ڪيترن ئي گهرن تي قبضو ڪري ورتو. پر اهي لائينز ايريا جي عوام جي دلين تي قبضو نه ڪري سگهيا ۽ انهن جي دلين مان الطاف حسين جي محبت کي ڪڍي نه سگهيا. انهن فرمايو ته ٽي ڏينهن اڳ ئي حقيقي جي دهشت گردن هڪ ڀيرو ٻيهر سرڪاري اهلڪارن سان گڏجي ڪري لائينز ايريا ۾ ماڻهن کي ڌمڪيون ڏنيون. انهن کي گهرجي ته اهي هوش کان ڪم وٺن، اهڙي طرح  جون حرڪتون ڪري اهي لائينز ايريا جي عوام جون همدرديون حاصل ڪري نه ٿا سگهن. لائينز ايريا الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو علائقو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته عمران خان ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪري ڪراچي کي فتح ڪرڻ آيا هئا. پر ڪراچي جي عوام انهن کي رڌ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. اهي سڀ پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان گڏ آهن. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي ، پي ٽي آئي يا ٻيو 
4
ڪوئي به اهو سوچي ٿو ته اهو ڪراچي تي قبضو ڪري وٺندو  ته اهو سمجهي وٺي ته اهو ڪراچي تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي. ڪراچي جي عوام جي دلين تي الطاف حسين جو راڄ آهي. جناب الطاف حسين جلسي ۾ موجود عوام کي چيو ته اوهان اهو نه سمجهو ته ايم ڪيو ايم ته کٽي رهي آهي. ان جي ڪري اسان جي ووٽ وجهڻ سان ڪوئي به فرق نه پوندو، اوهان 5 ڊسمبر تي نه صرف پاڻ ووٽ وجهو بلڪه پنهنجن مٽن مائٽن کي به چئو . ڇو ته اسان کي صرف اليڪشن ئي کٽڻو نه آهي. بلڪه پنهنجن مخالفن جون ضمانتون به ضبط ڪرائڻيون آهن. انهن فرمايو ته مون کي اميد آهي ته لائينز ايريا ۽ محمود آباد سميت ڪراچي جي سڀني علائقن ۾ رهندڙ پنجابي، پختون، بلوچ، سنڌي، اسماعيلي ۽ ٻيون سموريون برادريون ۽ سمورا غير مسلم به ايم ڪيو ايم جي نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان يقين ڏياريان ٿو ته ايم ڪيو ايم جا نمائندا ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ عوام جا مسئلا حل ڪندا. انهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي يونٽن، سيڪٽرن، شعبن، سي اي سي، رابطا ڪميٽي ۽ هڪ هڪ ڪارڪن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. انهن شاندار جلسي جي انعقاد تي لائينز ايريا سيڪٽر جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به شاباش پيش ڪئي. 
*****

7/18/2024 6:35:59 AM