Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


 Posted on: 12/1/2015
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: پهرين ڊسمبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن جي طرفان ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ايم ڪيو ايم ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 75 جي ڪارڪن وسيم احمد خان ، ايم ڪيو ايم برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 23 جي يونٽ انچارج عظمت حسين، برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 23 جي ڪارڪن حميد، نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 137 اي جي ڪارڪن اشفاق احمد ۽ قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 125 جي ڪارڪن محمد شاهد کي انهن جي گهرن تان گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو. رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن جيئن جئين ويجهو اچي رهيا آهن ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي. پر اهي گرفتاريون ايم  ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان ڪڏهن به روڪي نه ٿيون سگهن. رابطا ڪميٽي انهن گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ گرفتار ڪيل سمورن ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين .
*****

7/18/2024 6:39:17 AM