متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي ڪراچي ۾ لغڙ ميلي جو انعقاد.
ڪراچي: پهرين ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي ڪراچي ۾ لغڙ ميلي جون تقريبات جاري آهن. ان سلسلي جو مرڪزي پروگرام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو. جنهن ۾ نوجوانن، عورتن ۽ ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم جي طرفان جناح گرائونڊ ۾ موجود نوجوانن، ٻارن ۽ عورتن ۾ لغڙ تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا،رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق، محمد حسين، عارف خان، زرين مجيد، ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر به موجود هئا. انهن عوام سان گڏجي لغڙ به اڏايا.