Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ به اردو ڳالهائڻ وارن جو سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام ڪيو ويندو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 12/1/2015
ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ به اردو ڳالهائڻ وارن جو سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام ڪيو ويندو هو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اردو ڳالهائڻ وارن سان پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري اڄ تائين تعصب ڪيو پيو وڃي.
سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود  مهاجر وزير اعلٰي قبول نه ڪيو ويو.
گلشن اقبال ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت معززن جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: پهرين ڊسمبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم جي قيام اڳ به اردو ڳالهائڻ وارن جو سياسي، معاشي، تعليمي ۽ جسماني قتل عام ڪيو ويندو هو ، قوم ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي.جيڪڏهن انهن حقن جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته پوءِ پوري قوم غلامي جي اونڌھ ۾ ٻڏي ويندي. انهن فرمايو ته قيام پاڪستان کان پوءِ اردو ڳالهائڻ وارن مهاجرن سان تعصب، عصبيت ۽ نفرت جو مظاهرو ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ امتيازي سلوڪ جي ڪري اڄ سنڌ جي شهري علائقن جو ٻچو ٻچو انتظامي بنيادن تي الڳ صوبي جو 
مطالبو ڪري رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن گلشن اقبال ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ معززن جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين جو خطاب ايم ڪيو ايم ويب ٽي وي جي ذريعي پوري دنيا ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو ويو. اجتماع کي خطاب ڪندي جناب الطاف حسين نئين نسل خصوصن نوجوانن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد، پاڪستان ۾ مهاجرن سان ٿيندڙ غير منصفانه ۽ ظالمانه رويي ۽ ايم ڪيو ايم جي قيام جي سببن جي تفصيلات کان به آگاھ ڪيو. انهن فرمايو ته اردو ڳالهائڻ وارا  مهاجر بانيان پاڪستان جي اولاد آهن. جن ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن ۾ تحريڪ پاڪستان هلائي ۽ قيام پاڪستان جي لاءِ 20 لکن کان به وڌيڪ جانين جا نذرانا پيش ڪيا. پر پاڪستان ننڍي کنڊ جي انهن مسلم اڪثريتي وارن علائقن ۾ قائم ٿيو جو جتان جي رهڻ وارن نه صرف پاڪستان جي جدوجهد ڪرڻ واري آل انڊيا مسلم ليگ جي مخالفت ڪئي بلڪه پاڪستان جي قيام جي مخالف جماعت يونينسٽ پارٽي جي به حمايت  ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته  اسان جي بزرگن جي جدوجهد ۽ قربانين جي نتيجي ۾ 1947 ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن جي مسلمانن پاڪستان هجرت ڪئي ۽ پنهنجي پاڻ کي پاڪستاني چورائڻ پسند ڪيو. پر هتي رهندڙ قومون پاڻ کي پاڪستاني جي بجاءِ پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون چورائڻ ۾ وڌيڪ فخر محسوس ڪنديون هيون. جڏهن اسان مهاجر شاگردن جي حقن جي جدوجهد جو آغاز ڪيو ته اسان جي بزرگن جي طرفان درس ڏنو ويندو هو ته توهان ڇا مهاجر مهاجر جي رٽ لڳائي آهي اسان مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون، جڏهن ته اڄ به اردو ڳالهائڻ وارا پاڻ کي مهاجر چورائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تعصب ڦيلايو آهي. پر جڏهن ته حقيقت اها آهي ته جڏهن اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جي بنياد رکي ته ان وقت ڪراچي يونيورسٽي ۾ مختلف قومن جون شاگرد تنظيمون پهرين ئي موجود هيون. مهراڻ يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ تعصب رکندڙ سنڌي شاگردن جي طرفان مهاجر شاگردن کي تشدد جو نشانو
بڻائي ڪري ڪڍيو ويندو هو. انهن کي تعليم حاصل ڪرڻ نه ڏني ويندي هئي ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ مهاجر شاگردن جو داخلا بند ڪيو ويندو هو. جنهن جي ڪري اندرون سنڌ جا مهاجر شاگرد اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا هئا. انهن فرمايو ته بانيان پاڪستان جي قربانين جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ پاڪستان 25 سالن کان پوءِ ئي ٽٽي ويو ۽ سابقه اوڀر پاڪستان بنگله ديش بڻجي ويو.1971 ۾ سابق اوڀر پاڪستان ۾ رهڻ وارن مهاجرن جن کي  عام طور تي بهاري چيو وڃي ٿو. انهن پاڪستان جي دفاع جي لاءِ پاڪ فوج جو وڌي چڙهي ڪري ساٿ ڏنو. پر جڏهن پاڪستان ٽٽي ويو ته لکين محصورين بنگله ديش کي وطن واپس آڻڻ جي بجاءِ  انهن کي ريڊ ڪراس جي 66 ڪيمپن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو. اهي محب وطن پاڪستاني اڄ ڪيترن ئي سالن کان ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ بک ۽ تنگدستي جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ عورتون پيٽ جي باھ وسائڻ جي لاءِ پنهنجون عزتون وڪڻڻ تي به مجبور آهن. انهن شرڪاء کان پچيو ته ساڍن ٽن لکن محب وطن پاڪستانين کي وطن واپس نه آڻڻ ڇا تعصب نه آهي؟ جنهن تي شرڪاء يڪ زبان ٿي ڪري چيو ته بلڪل اهو تعصب آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي ماڻهو ايم ڪيو ايم تي تعصب جو الزام لڳائن ٿا  اهي غور ڪن ته جڏهن ايوب خان ۽ يحيٰي خان جي دور ۾ سوين مهاجر بيوروڪريٽن کي هڪ ئي وقت قلم جي مار ڏيئي ڪري نوڪرين مان ڪڍيو ويو. ته ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين موجود نه هئا. 1964 جي صدارتي اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏيڻ جي ڏوھ ۾ صدر ايوب خان جي پٽ گوهر ايوب سرحد صوبي مان پٽاڻڻ کي آڻي ڪري مهاجر آبادين تي حملا ڪرايا . بي گناھ مهاجرن جو قتل عام ڪرايو، انهن جي ملڪيتن کي باھ ڏيئي ڪري ساڙيو ويو. ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين موجود نه هئا. 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ صرف سنڌ ۾ ڏھ سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو ۽ اهو جواز ڏنو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙي واري آبادي کي شهري آبادي جي برابر آڻڻ جي لاءِ اهو ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻهراڙي واري آبادي جو معيار زندگي بهتر بڻائي سگهجي. ان ڪوٽا سسٽم کي اصولي طور تي 1983 ۾ ختم ٿي وڃڻ گهرجي ها. پر اڄ 42 سال گذرڻ جي باوجود به اهو ڪوٽا سسٽم نافذ آهي. سي ايس ايس جي امتحان ۾ مهاجر شاگردن حصو وٺڻ ئي ڇڏي ڏنو ڇو ته انهن کي اهليت ۽ صلاحيت جي باوجود ابن ڏاڏن جي هندستان ۾ پيدا ٿيڻ جي بنياد تي فيل ڪيو وڃي ٿو.پر  ان وقت ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين موجود نه هئا. انهن فرمايو ته مهاجرن جي خلاف ان ظلم ۽ ناانصافي ۽ ڪوٽا سسٽم جي خلاف ڪنهن به سياسي ۽ مذهبي جماعت جي طرفان احتجاج نه ڪيو ويو. ان ظالمانه ۽ تعصب واري رويي جي ڪري ئي الطاف حسين ميدان ۾ آيو. 38 سالن کان مان مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان ۽ ان جدوجهد جي ڏوھ ۾ مان 25 سالن کان جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان. پر مان اڄ تائين تحريڪ کي زنده رکيو آهي.  انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تي بهتان ته هنيو وڃي ٿو پر مهاجر آبادين تي هٿيارن سان حملن ۽ مهاجرن جي قتل عام جو ڪوئي به  ذڪر نه ٿو ڪري.14 ڊسمبر 1986 ۾ علي ڳڙھ ڪالوني ۽ قصبه ڪالوني ۾ ٽڪرين تان لهي ڪري دهشت گردن مهاجر بزرگن، عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن کي مورين ۽گجرن وانگر ڪٺو. 30 سيپٽمبر 1988 ۾ حيدرآباد ۾ ڪارن ۾ سوار هٿيار بند ڌاڙيلن ڇتي فائرنگ ڪري 200 کان وڌيڪ بي گناھ  شهرين کي رت ۾ وينجهاري ڇڏيو. 1990 ۾ پڪا قلعه آپريشن جي دوران پاڻي، بجلي ۽ گيس جا ڪنيڪشن ڪٽڻ جي خلاف قرآن پاڪ کڻي ڪري ڌانهڻ وارين عورتن تي گوليون وسائي ڪري شهيد ڪيو ويو. هزارين نوجوانن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو ۽ سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو. پر مهاجرن تي ڪيل انهن ظلمن جو ذڪر  نه ٿو ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان ڪراچي ۾ القائده، طالبان ۽ داعش جي موجودگي جي ڳالھھ ڪئي ۽ عوام کي ٻڌايو ته داعش ڪراچي جي گهڻڻ ئي علائقن تي قبضو ڪري ورتو آهي ته منهنجو مذاق اڏايو ويو. پر صفورا چورنگي تي اسماعيلي برادري جي بس تي فائرنگ ڪري بي گناھ شهرين کي شهيد ڪيو ويو ۽ خبر پئي ته اهو قتل عام ڪرڻ وارا داعش جا ماڻهو آهن.جيڪي جماعت اسلامي  ۽ اسلامي جميعت طلبه سان تعلق رکن ٿا. اڄ  صورتحال اها آهي ته ڪراچي جي داخلي رستن جي چئني طرف سوين مدرسا قائم ڪرايا ويا آهن. 8 نومبر 2015 تي ڊان ۾ پوري فهرست شايع ٿي چڪي آهي ته ڪهڙن ڪهڙن علائقن کي جهادين پنهنجا ٺڪاڻا بڻائي ڇڏيو آهي. جتي انهن جون شرعي عدالتون هلي رهيون آهن ۽ اتي پوليس ۽ رينجر به داخل ٿي نه ٿي سگهي. انهن علائقن ۾ اتحاد ٽائون به شامل آهي. ڪجھھ ڏينهن اڳ ئي اتحاد ٽائون ۾ چار رينجر اهلڪار شهيد ڪيا ويا پر قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان رينجر اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ وارن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. غور ڪريو ته جيڪڏهن اهو افسوسناڪ واقعو مهاجر اڪثريتي واري علائقي ۾ ٿئي ها ته ان علائقي جو ڇا حشر ٿئي ها. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن سان تعصب ۽ عصبيت جو اهو حال آهي ته ايم ڪيو ايم مختلف وقتن ۾ ارباب رحيم، مظفر شاھ ۽ لياقت جتوئي جي گڏيل حڪومتن ۾ شامل ٿي. سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جا ميمبر اڪثريت ۾ هئا ۽ اصولي طور تي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو وزير اعلٰي ٿيڻ گهرجي ها. پر ٽئي ڀيرا  مهاجر وزير اعلٰي کي قبول نه ڪيو ويو. ان جي باوجود چيو وڃي ٿو ته ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين تعصب پکيڙي رهيا آهن. انهن نوجوانن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته قوم ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اوهان حقن جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته پوري قوم غلامي جي اونڌھ ۾ ٻڏي ويندي ۽ جاگيردارن ۽ وڏيرن جي غلام بڻجي ويندي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ اڄ تائين اسان جا جائز حق نه مليا آهن. اسان کي ظلم ۽ ناانصافي جي چڪي ۾ پيهو ويو آهي. اسان کي هن زمين جا پٽ نه هجڻ جا طعنا ڏنا وڃن ٿا ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ امتيازي سلوڪ جي ڪري سنڌ جي شهري علائقن جو ٻچو ٻچو اڄ  انتظامي بنيادن تي الڳ صوبي جو مطالبو ڪري رهيو آهي. وقت جو تقاضا آهي ته پاڪستان کي مضبوط بڻايو وڃي. جيڪڏهن پاڪستان کي مضبوط بڻائڻو آهي ته ملڪ ۾ نوان انتظامي صوبا قائم ڪرڻا پوندا ۽ سنڌ جي شهري عوام جي لاءِ به الڳ صوبو بڻائڻو پوندو. انهن وڌيڪ فرمايو ته مان يقين ڏياريان ٿو ته اسان جي صوبي ۾ ڪنهن سان به تعصب ۽ نفرت جو مظاهرو نه ڪيو ويندو. ان صوبي ۾ رهڻ وارا ڀلي ڪنهن به قوم يا مذهب سان تعلق رکندا هجن. سڀني جو برابر جو حق هوندو. ڇو ته الطاف حسين انصاف پسند آهي ۽ ڪنهن سان به تعصب نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي قومي ذميواري محسوس ڪن  ۽ پنهنجين تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن کي تحريڪ ، قوم ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ استعمال ڪن. انهن فرمايو ته منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن اسان متحد رهياسين ته دنيا جي ڪائي به طاقت ايم ڪيو ايم ۽ اسان جي اتحاد کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.


7/18/2024 6:40:48 AM