ڪراچي ۾ ملٽري پوليس جي جوانن تي هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: پهرين ڊسمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ ملٽري پوليس جي جوانن تي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين دهشت گردي جي ان واقعي ۾ ملٽري پوليس جي ٻن جوانن جي شهادت تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽنٽ جنرل نويد مختيار، ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر ۽ سموري فوجي قيادت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ٻنهي شهيدن جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين