Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪجھھ حڪومتي ميمبر ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجن حقن جو ناجائز استعمال ڪري عوامي طاقت کي طاقت جي زور تي ڪڇلڻ چاهين ٿا. ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي عوام جي موڪليل پيغامن ۾ تاثرَ.

 Posted on: 11/27/2015

ڪراچي: 27 نومبر 2015 
                    پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جن ۾ استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر،وڪيل، صحافي، واپاري، دانشور، اديب، عالم سڳورا  ۽ شاگرد شامل آهن، انهن نائن زيرو ۽ لنڊن سيڪريٽريٽ تي فونن، فيڪسن ۽ اي ميلن جي ذريعي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ مظلوم عوام کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته ريلي ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو  ايم جا تحفظات جائز آهن ۽ اختيار رکندڙ ڌرين کي انهن تحفظات تي توجه ڏيئي ڪري انهن کي دور ڪرڻ گهرجي. پنهنجن تاثرن ۾ انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جو ان جي اليڪشن آفيسن، سيڪٽرن، يونٽن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن جيڪو سراسر غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي. بلڪه اها  اليڪشن جي ضابطه اخلاق جي سنگين ڀڃڪڙي به آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اهي ظالم قوتون قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان عوام جو رشتو نه ڪالھھ ٽوڙي سگهيون ۽ نه اڄ ٽوڙي سگهن ٿيون. پنهنجن پيغامن ۾ انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و تندرستي جي لاءِ خصوصي دعائون به ڪيون.

7/18/2024 6:26:43 AM