Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي جي دهشت گردن آزادانه طور تي دهشت گردي ۽ غنڊه گردي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.


ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي جي دهشت گردن آزادانه  طور تي دهشت گردي ۽ غنڊه گردي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 11/30/2015
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حقيقي جي دهشت گردن آزادانه  طور تي دهشت گردي ۽ غنڊه گردي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو.
ڪراچي: 30 نومبر 2015 
                 شهر جي مختلف علائقن ۾ حقيقي جي دهشت گردن آزادانه طور تي دهشت گردي ۽ غندي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. جتي اهي پوليس ۽ رينجر سان گڏجي ڪري ايم ڪيو ايم جا جهنڊا، مڪاني اميدوارن جا بينر، ايم ڪيو ايم جي نشان لغڙ ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تصويرن کي ڦاڙي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ۽ علائقي جي دڪاندارن ۽ عوام کي خوف زده  ڪري رهيا آهن.اطلاعن جي مطابق لانڍي، ملير، ڪورنگي، شاھ فيصل ڪالوني ۽ لائين ايريا سميت ٻين علائقن ۾ حقيقي جا دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي وڃي ڪري ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ته اهي حقيقي ۾ شموليت اختيار ڪن نه ته انهن کي رينجر ۽ پوليس جي هٿان گرفتار ڪرايو ويندو. جڏهن ته اهي انهن علائقن جي عوام کي به ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. بلڪه اهي دهشت گرد رينجر ۽ پوليس سان گڏجي ڪري مختلف علائقن ۾ گشت ڪري عوام ۽ ڪارڪنن کي خوف زده به ڪري رهيا آهن ۽ هن مهل تائين حقيقي دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن، ذميوارن ۽ همدردن جي گهرن جي نشاندهي ڪرائي انهن کي گرفتار ڪرائي چڪا آهن. جنهن سان  علائقي جي عوام ۾ وڏو خوف پاتو وڃي ٿو .
*****

7/18/2024 6:35:57 AM