Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ ان کي هڪ بااختيار حڪومت ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ ان کي هڪ بااختيار حڪومت ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/30/2015
وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ ان کي هڪ بااختيار حڪومت ڏني وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي جي بدقسمتي اها آهي ته ان کي يا ته اسلام آباد کان هلايو وڃي ٿو يا لاڙڪاڻي کان.
جماعت اسلامي القائده، داعش ۽ طالبان سان ويجها تعلقات رکي ٿي، مذهبي انتها پسندي ترقي جي راھ ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ آهي.
ڊفينس ۾ ڪائونسل آف پروفيشنلز جي تحت منعقد ٿيندڙ اجتماع کي تفصيلي فڪر انگيز خطاب.
لنڊن: 30 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  ڪراچي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو وڏو شهر آهي،جنهن جي آبادي 2 ڪروڙ 35 لک ٿي چڪي آهي.  ڪراچي قومي خزاني کي سڀني کان وڌيڪ روينيو ڏيئي ٿو. سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ان شهر جون صنعتون ۽ شهري ادا ڪن ٿا. پر ڪراچي جي بدقسمتي اها آهي ته ان کي يا ته اسلام آباد کان هلايو وڃي ٿو يا لاڙڪاڻي کان .انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي انچارج محفوظ يار خان ايڊووڪيٽ جي رهائشگاھ تي ڪائونسل آف پروفيشنلز جي تحت منعقد ٿيندڙ اجتماع کي خطاب ڪندي فرمايو. اجتماع ۾ وڪيلن، ڊاڪٽرن، نوجوانن، انجنيئرن،اين جي اوز جي ماهرن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا.جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ انسان جي پيدائش ۽ ان حوالي سان ڪئي ويندڙ ريسرچ ، انساني نفسيات، عالمي صورتحال، ان جي پاڪستان تي پوندڙ اثرن، ملڪ خصوصن ڪراچي جي صورتحال، ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن سان تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ ڪئي ويندڙ ناانصافين، ان جي تاريخ، انهن جي سببن ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي جدوجهد تي تفصيل سان روشني وڌي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن سان ڪيترن ئي سالن کان ناانصافيون ڪيون پيون وڃن. 1973 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ آيا ته انهن قومي اسيمبلي کان بل پاس ڪرائي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ڇڏيو. جنهن جي تحت هر سطح جي نوڪرين ۽ تعليم جي شعبن ۾ سنڌ جي شهري علائقن جي لاءِ 40 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي لاءِ 60 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو ويو . ان ڪوٽا سسٽم جو جواز اهو پيش ڪيو ويو ته سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن جي برابر آڻڻو آهي. سنڌ جي شهري وارن علائقن جي عوام ٻهراڙي وارن ماڻهن جي لاءِ قرباني ڏيندي ان غير منصفانه ڪوٽا سسٽم کي قبول ڪيو. جيڪڏهن ڀٽي کي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان واقعي همدردي هجي ها ۽ ڪوٽا سسٽم واقعي هڪ سٺو نظام هجي ها ته ان کي پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ نافذ ڪيو وڃي ها. انهن سوال ڪيو ته ڇا ٻهراڙي وارا علائقا صرف سنڌ ۾ هئا؟ ڇا پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ٻهراڙي وارا علائقا نه هئا. پوءِ ڪوٽا سسٽم صرف سنڌ ۾ ڇو نافذ ڪيو ويو. ڪوٽا سسٽم 10 سالن جي لاءِ نافذ ڪيو ويو هو پر اهو اڄ تائين نافذ آهي؟انهن فرمايو ته اصل ۾ ڪوٽا سسٽم جو مقصد سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان همدردي نه هئي. بلڪه ان جو مقصد سنڌ جي شهري وارن علائقن جي اردو ڳالهائڻ وارن تي تعليم، روزگار ۽ ترقي جا دروازا بند ڪرڻ هو. ڇو ته هندستان جي 
اقليتي صوبن جا جيڪي پڙهيل لکيل خاندان هجرت ڪري پاڪستان آيا هئا. انهن ۾ تعليم جو تناسب وڌيڪ هو. پر ڪوٽا سسٽم جي غير منصفانه قانون انهن نوجوانن تي تعليم سان گڏو گڏ سرڪاري نوڪرين جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا. سي ايس ايس جي امتحان مان مهاجر نوجوانن کي ٻاهر ڌڪيو وڃڻ لڳو. ڪراچي جي مهاجر شاگردياڻين کي ميڊيڪل جي تعليم جي حصول جي لاءِ نواب شاھ وڃڻو پوندو هو. ڇو ته انهن کي ڪراچي ۾ داخلا نه ملندي هئي. ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ شهري علائقن جون سيٽون تمام گهٽ ڪري شهري نوجوانن کي اهو پيغام ڏنو ويو ته تعليم حاصل ڪرڻ مان ڪوئي به فائدو نه آهي، اهڙي طرح ڪوٽا سسٽم جي ذريعي مهاجرن جو تعليمي استحصال انهن جي معاشي استحصال ۾ تبديل ڪري انهن کي هڪ محڪوم طبقي ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. انهن ناانصافين جي خلاف اسان کان علاوه ڪنهن به آواز نه اٿاري. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان انهن ناانصافين جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي ۽ جڏهن اسان عوامي سطح تي ايم ڪيو ايم بڻائي ته اها ڳالھھ ريڪارڊ تي موجود آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جي مينڊيٽ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ويو آهي. اسان کي ڪڏهن به حڪمراني جو حق نه ڏنو ويو. اسان سنڌ ۾ ڄام صادق سان اتحاد ڪيو. لياقت جتوئي سان اتحاد ڪيو ۽ ارباب رحيم سان اتحاد ڪيو. گڏيل حڪومت ۾ نمائندگي جي اعتبار سان اسان اڪثريت ۾ هئاسين. پر اسان کي چيف منسٽرشپ نه ڏني وئي. انهن فرمايو ته هاڻي سنڌ جي شهري علائقن جي عوام کي به پنهنجو صوبو ۽ پنهنجو وزير اعلٰي گهرجي. انهن فرمايو ته جهڙي طرح گهر ۾ ماڻهن جي وڌڻ جي ڪري گهر ۾ وڌيڪ ڪمرا بڻايا وڃن ٿا. اهڙي طرح ئي ملڪن ۾ آبادي جي وڌڻ جي ڪري وڌيڪ صوبا ۽ نوان  انتظامي يونٽ به بڻايا وڃن ٿا. انهن فرمايو ته 1971 ۾ پاڪستان جي آبادي 7 ڪروڙ هئي ۽ ان وقت  پاڪستان جا چار صوبا هئا. اڄ پاڪستان جي آبادي 19 ڪروڙ ٿي چڪي آهي پر اڄ به پاڪستان جا اهي ئي چار صوبا آهن. انهن وڌيڪ فرمايو ته پاڪستان کي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي سخت ضرورت آهي. پر بدقسمتي سان ڪوئي به ان تي سوچڻ جي لاءِ تيار نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وڪي پيڊيا جي مطابق ڪراچي آبادي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو وڏو شهر آهي. جنهن جي آبادي 2 ڪروڙ 35 لک ٿي چڪي آهي. ڪراچي قومي خزاني کي سڀني کان وڌيڪ 67 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو. پر وفاق ڪراچي کي وساري ويٺو آهي ۽ 67 سيڪڙو روينيو ڏيڻ واري هن شهر کي ان جي ترقي ۽ ان جي بنيادي مسئلن جي حل جي لاءِ فنڊ به نه ٿا ملن. ڪراچي کي کير ڏيڻ واري ڳئون ته سمجهيو وڃي ٿو پر ان کي کائڻ جي لاءِ پورو گاھ به نه ٿو ڏنو وڃي. ڪراچي جي وسيلن تي ڪراچي جو ڪوئي به اختيار نه آهي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ڪيترن ئي سالن مطالبو ڪري رهي آهي ته ڪراچي کي مانسٽرانزٽ سسٽم جي ضرورت آهي. پر ايم ڪيو ايم جي تمام تر ڪوششن جي باوجود نه ته صوبائي حڪومت ۽ نه ئي وفاقي حڪومت ڪراچي جي مانسٽرانزٽ سسٽم جي لاءِ فنڊ فراهم ڪري ٿي. ڪراچي کي پاڻي ۽ بجلي جي بحران جو سامنو آهي. شهر ۾ صفائي سٿرائي جو نظام برباد آهي. شهر ۾ غير قانوني ڪڇيون آباديون وڌنديون پيون وڃن. جتي آباد ماڻهو غير قانوني طور تي پاڻي ۽ بجلي حاصل ڪن ٿا. جنهن جو بل به ٻين علائقن جي ماڻهن کي ڀرڻو پوي ٿو. شهر ۾ پاڻي چوري ڪري ٽينڪرن جي ذريعي وڪيو وڃي ٿو. پر ڪراچي جي چونڊيل نمائندن وٽ ان لٽ مار کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئي به اختيار نه آهي. ڪراچي جي پوليس، رينجر ۽ بيوروڪريسي ٻاهران اچي ٿي. ان شهر جي نوجوانن کي نه پوليس ۾ ورتو وڃي ٿو، نه رينجر ۾ ۽ نه ئي سرڪاري ادارن ۾ انهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته شهري سنڌ تمام گهڻيون زيادتيون ۽ ناانصافيون برداشت ڪري ورتيون آهن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اها روش ختم ڪري ان مسئلي کي هميشه هميشه جي لاءِ حل ڪيو وڃي. مسئلن جي حل جي لاءِ ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. ان کي هڪ بااختيار حڪومت ڏني وڃي. جيڪا هن شهر جي مسئلن کي حل ڪري. خوشحال ڪراچي، خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي. انهن فرمايو ته اسان جو صوبو صرف مهاجرن جو نه بلڪه  هتي رهندڙ تمام پنجابين، پختونن، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين، ڪشميرين، هزاري وال، گلگتي بلتستانين، تمام فقهن ۽ مسلڪن جي مڃڻ وارن مسلمانن، هندن، عيسائين، سکن، احمدين، آغاخانين ۽ اسماعيلين يعني سڀني جو هوندو. اسان جو صوبو هوندو ته هتان جي پوليس به مقامي هوندي. هتان جي ماڻهن کي نوڪرين ۾ انهن جو حق به ملندو ۽ احساس محرومي جو خاتمو به ٿيندو. حب الوطني وڌندي. شهر ترقي ڪندو ته ملڪ به مضبوط ٿيندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪوٽا سسٽم ۽ حق تلفين جي لڳاتار عمل جي ڪري ملڪ ۾ لساني نفرتون وڌيون آهن. هڪ قوم جو تصور ڪمزور ٿيو آهي. پنجابي، سنڌي، بلوچ ۽ پختون اڳواڻ ان غير منصفانه ڪوٽا سسٽم جي خلاف ان جي ڪري ڳالھھ نه ٿا ڪن ڇو ته سمورن صوبن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي حڪمراني قائم آهي ۽ ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکي ٿي. اها فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي. اها ڪاروڪاري ۽ غيرت جي نالي تي قتلن جو سلسلو بند ڪرائڻ چاهي ٿي. ٻهراڙين ۾ عورتن سان غلامن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ايم ڪيو ايم عورتن سان ظالمانه سلوڪ ختم ڪري انهن کي معاشري ۾ انهن جو جائز مقام ڏيارڻ چاهي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ عورتون سڀني کان وڌيڪ ان جي ڪري اچن ٿيون جو هتي ڪوئي به انهن کي ڌڪا نه ٿو ڏيئي. انهن جا روا نه ٿو ڇڪي. بلڪه پنهنجين امڙين ۽ ڀينرن وانگر انهن جي عزت ڪري ٿو. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي نالي تي موروثي نظام هلي رهيو آهي. سياسي جماعتن تي خاندانن جي حڪمراني قائم آهي. جيڪي نسل در نسل ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. جماعتن جي بجاءِ خاندان ملڪ تي حڪومت ڪن ٿا. نه صرف سياسي جماعت جو سربراھ اقتدار جي ايوان ۾ پهچي ٿو بلڪه ان جو پٽ، ڀاءُ، ڀيڻ، نياڻي، نياڻو ۽ پورو خاندان حڪومت ڪري ٿو ۽ ان سياسي جماعت جا اهل ۽ صلاحيت وارا ماڻهو سائيڊ لائين ڪيا وڃن ٿا. انهن فرمايو ته اسان سمجهون پيا ته عمران خان لبرل ۽ پروگريسو هوندو پر هاڻي خبر پئي ته آهي ته اهي به اندران طالبان آهن. طالبان سان همدردي رکن ٿا. انهي جي ڪري انهن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي سان اتحاد ڪيو آهي.انهن فرمايو ته جماعت اسلامي اها جماعت آهي جيڪا نه صرف مذهبي انتها پسندي تي يقين رکي ٿي بلڪه القائده ، داعش ۽ طالبان سان به ويجهو تعلق رکي ٿي.انهن فرمايو ته آمريڪي صحافي ڊينئل پرل جو قاتل خالد شيخ محمد جماعت اسلامي وارن جي گهرن مان گرفتار ٿيو. اهڙي طرح القائده ۽ داعش جا ٻيا تمام وڏا وڏا ماڻهو به جماعت اسلامي وارن جي گهرن مان پڪڙيا ويا. سانحه صفورا ۾ اسماعيلي برادري جي بس تي بي دردي سان فائرنگ ڪري ڪيترن ئي معصوم ماڻهن کي شهيد ڪرڻ وارن دهشت گردن جو تعلق به جماعت اسلامي جي تنظيم اسلامي جميعت طلبه سان آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جون تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتون نوجوانن جون ڳالهيون ته ڪن ٿيون پر نوجوانن کي اڳتي آڻڻ جا انهن جا دعوٰي فقط زباني آهن ، پر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد سياسي جماعت آهي جنهن نعرا  ۽ دعوٰي نه ڪيا آهن بلڪه نوجوانن کي واقعيImpowered به ڪيو آهي. انهن کي اڳتي آندو آهي ۽ انهن کي چونڊيل ايوانن ۾ به موڪليو آهي. پاڪستان کي گهٽ عمر وارو ميئر ڏيڻ جو اعزاز به ايم ڪيو ايم کي حاصل آهي. 1987 ۾ جڏهن ڪوئي تصور به نه پيو ڪري سگهي ته ان وقت به ايم ڪيو ايم 27 سالن جي نوجوان ڊاڪٽر فاروق ستار کي ڪراچي جو ميئر بڻايو. ڊاڪٽر فاروق ستار ڪنهن به وڏيريراڻه يا جاگيردار گهراڻي سان تعلق نه رکندو هو. بلڪه اهو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ نوجوانن کي سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ موڪليو جتي ان کان پهرين وڏيرا ۽ جاگيردار پهچندا رهيا. ايم ڪيو ايم فاروق ستار کان پوءِ حيدرعباس رضوي، فيصل سبز واري، ريحان هاشمي، علي راشد، علي رضا عابدي، سمن جعفري، سميتا افضال، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، خواجه اظهار الحسن ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن کي اسيمبلين ۾ موڪليو. انهن فرمايو ته هڪ طرف ته ڪراچي جي نوجوانن کي پروفيشنلز تعليمي ادارن ۾ داخلائن کان محروم رکيو پيو وڃي، انهن تي اعلٰي تعليم جا دروازا ڄاڻي واڻي بند ڪيا پيا وڃن ۽ ٻئي طرف ڪراچي ۾ وڏي تعداد ۾ مدرسا قائم ڪيا پيا وڃن. ڪراچي جي سمورين ٻهراڙين وارن علائقن ۾ مدرسن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. ۽ جڏهن اوهان تعليمي ادارن جي بجاءِ مدرسن جو ڄار وڇائيندو ته ان سان يقينن مذهبي انتها پسندي وڌندي. انهن فرمايو ته نوجوان نسل کي مذهبي انتها پسندي کان محفوظ رکڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته مذهبي انتها پسندي ترقي جي راھ ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان جڏهن قوم کي لڳاتار آگاھ ڪري رهيو هوس ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي ته منهنجو مذاق اڏايو ويندو هو. پر اڄ پاڻ اخبار لکي رهيا آهن ته ڪراچي جا فلاڻا فلاڻا علائقا طالبان ۽ پابندي وڌل تنظيمن جا ڳڙھ بڻجي چڪا آهن. ڪجھھ ڏينهن اڳ اتحاد ٽائون ۾ رينجر وئي ته ان تي پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ چار اهلڪار شهيد ٿي ويا. انهن فرمايو ته جڏهن اسان پاڻ انتها پسند تنظيمن جي سرپرستي ڪنداسين ته انهن جون پاڙون ته مضبوط ٿينديون. جناب الطاف حسين شام جي حوالي سان ترڪي ۽ روس ۾ وڌندڙ ڇڪٿاڻ ۽ فرانس ۾ پيش ايندڙ دهشت گردي جي واقعي ۽ چين ۽ آمريڪا  جي وچ ۾ مصنوعي جزيرن جي قيام جي معاملي تي وڌندڙ ڇڪٿاڻ ۽ علائقائي صورتحال تي روشني وجهندي فرمايو ته دنيا ٽئين جنگ عظيم ڏانهن تيزي سان وڌي رهي آهي. اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجي ملڪ جي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي ۽ هاڻي پاڪستان کي  هڪ پڙهيل لکيل ، لبرل ۽ سلجهيل قيادت جي گهرج آهي ۽ اها ضرورت صرف ايم ڪيو ايم ئي پوري ڪري سگهي ٿي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين پاڻي، بجلي، توانائي جي بحران ۽ آلودگي جي مسئلي تي به روشني وڌي. انهن فرمايو ته هن وقت پوري دنيا ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو بحران وڌندو پيو وڃي ۽ ڪجھھ سالن ۾ پاڪستان کي به پاڻي جي سخت بحران جو سامنو ڪرڻو پوندو . پاڪستان کي ان بحران کان نڀرڻ جي لاءِ هڪ مربوط پاليسي جي سخت ضرورت آهي.  ڪني پاڻي جي ڪري هيپاٽائيٽس ۽ ٻيون بيماريون ڦيلجي رهيون آهن. انهن فرمايو ته پاڪستان کي نون ڊيمن ۽ ريزروائيزر جي ضرورت آهي. نوجوانن کي به گهرجي ته اهي ان بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ ريسرچ ڪن. اهڙي طرح توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ مربوط پاليسي ۽ ان ۾ سرمائي ڪاري جي به ضرورت آهي. انهن وڌندڙ فضائي آلودگي تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان عالمي مسئلي کان نڀرڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته انشاء الله تعالٰي اسان پاڪستان جي حال سان گڏو گڏ مستقبل جي مسئلن جو به حل ڪڍي وٺنداسين ته جيئن اسان جي ايندڙ نسلن جو مستقبل به محفوظ ٿي سگهي. 
*****

7/18/2024 6:39:18 AM