Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي وارا ڪجھھ به ڪري وٺن اهي ڪراچي ۾ ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جماعت اسلامي  ۽ پي ٽي آئي وارا ڪجھھ به ڪري وٺن اهي ڪراچي ۾ ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/30/2015
جماعت اسلامي  ۽ پي ٽي آئي وارا ڪجھھ به ڪري وٺن اهي ڪراچي ۾ ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي وارا  اليڪشن مهم تي اجايو پيسو خرچ نه ڪن  بلڪه ان پيسي سان غريبن جي مدد ڪن.
ڪراچي ۾ سموريون سياسي ۽ مذهبي جماعتون، پابندي وڌل تنظيمون ۽ سمورا ڏوهاري ٽولا ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ٿي چڪا آهن. 
ڪراچي جي پنجن علائقن گلشن اقبال، اورنگي ٽائون، رنڇوڙ لائين، ڪورنگي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ ئي وقت اجتماعن کي خطاب.
لنڊن: 30 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي وارا  اليڪشن مهم تي اجايو پيسو خرچ نه ڪن بلڪه ان پيسي سان غريبن جي مدد ڪن ڇو ته اهي ڪجھھ به ڪري وٺن اهي ڪراچي ۾ ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. جڏهن به ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي محرومي جي خاتمي جي لاءِ الڳ صوبي جي قيام جي ڳالھھ ڪري ٿي ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف ان مطالبي جي نه صرف سخت مخالفت ڪن ٿيون بلڪه ان معاملي تي اندرون سنڌ جي نام نهاد قوم پرستن جي زبان به ڳالهين ٿيون. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي جي پنجن علائقن گلشن اقبال، اورنگي ٽائون، رنڇوڙ لائين، ڪورنگي ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ ئي وقت اجتماعن کي خطاب ڪندي فرمايو. انهن اجتماعن ۾ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي آيت مبارڪ جو ترجمو بيان ڪندي فرمايو ته الله تعالٰي جنهن کي چاهي ٿو عزت ڏيئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو ذلت ڏيئي ٿو. بي شڪ الله تعالٰي هر شي تي قادر آهي. ملڪ جي حڪومت، عدالت ۽ اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به شهري جي آواز ۽ تصوير نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي عائد ڪن ۽ اهو شخص 25 سالن کان پنهنجن پيارن کان پري به هجي پر پوءِ به هڪ ئي وقت پنجن هنڌن تي عوامي اجتماعن ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪن ته اهو الله سائين جو ئي ڪرم آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي جو اتحاد عوام جي سامهون اچي ويو آهي. جيڪي سياسي جماعتون ڪراچي ۾ انقلاب آڻڻ ۽ پنهنجو ميئر آڻڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيون آهن جيڪڏهن واقعي ڪراچي جو عوام انهن سان گڏ آهي ۽ انهن ۾ ايتري صلاحيت آهي ته اهي ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت پنج جلسا ته ٺهيو ٻه وڏا جلسا ئي ڪري ڏيکارين، انهن فرمايو ته اڄ جماعت اسلامي وارا ڪراچي جي عوام جي لاءِ واڳون جا ڳوڙا ڳاڙي رهيا آهن.پر ماضي ۾ جماعت اسلامي به ڪراچي مان چونڊجندي رهي آهي.جيڪڏهن ان کي ڪراچي جي عوام سان همدردي هجي ها ۽ ان ڪراچي جي عوام جي احساس محرومي کي دور ڪيو هجي ها ۽ ان سنڌ جي ٻين شهري علائقن جي عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري هجي ها ته اسان کي ايم ڪيو ايم بڻائڻ جي گهرج ئي نه پوي ها.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۽ شهري سنڌ جي محروم عوام جي حقن جي لاءِ اسان پهرين اي پي ايم ايس او ۽ پوءِ ايم ڪيو ايم بڻائي ته تعصب ۽ عصبيت جي بنياد تي جماعت اسلامي اسان جي تحريڪ جي سڀني کان وڌيڪ مخالفت ڪئي. جيڪڏهن جماعت اسلامي کي ڪراچي جي عوام جي حقن جو احساس هجي ها ته اها اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي ڪڍ نه پوي ها. ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ ڪراچي جي شهرين جي ووٽن سان ٻاهران ماڻهو چونڊجي ڪري اسيمبلين ۾ پهچندا هئا. ايم ڪيو ايم جي قيام کان اڳ جماعت اسلامي جي دور ۾ڪراچي جو ميئر به افغاني هوندو هو، اصل انقلاب ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم آندو، جو جڏهن 1987 جي مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي جو ميئر ڪوئي ٻاهر وارو نه بلڪه ڪراچي جو ئي هڪ نوجوان ڊاڪٽر فاروق ستار  چونڊيو ويو ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار کي پاڪستان جي سڀني کان گهٽ عمر واري ميئر هجڻ جو اعزاز به حاصل ٿيو. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم سياست جي ميدان ۾ آئي ته ان ڪراچي جي نوجوانن کي نه صرف مڪاني ايوانن ۾ پهچايو. بلڪه ايم ڪيو ايم جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نوجوان پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پهتا ۽ پهريون ڀيرو ڪراچي جي شهرين جي آواز اسيمبلين ۾ گونجي. ڪراچي ۽ شهري سنڌ جي عوام جو مقدمو صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم وڙهيو، حق پرستي جي ان جدوجهد ۾ هزارين ڪارڪنن پنهنجين جانين جو نذرانو پيش  ڪيو ۽ اڄ تائين ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن مقصد جي حصول جي خاطر قربانيون ڏيئي رهيا آهن. انهن فرمايو ته اڄ به جڏهن ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم جي خاتمي جي ڳالھھ ڪري ٿي ۽ ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن جي محرومي جي خاتمي جي لاءِ الڳ صوبي جي ڳالھھ ڪري ٿي ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جيڪي پوري ملڪ ۾ ته صوبي ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪن ٿيون پر جڏهن  ڪراچي صوبي يا شهري سنڌ جي صوبي جي ڳالھھ اچي ٿي ته اهي ٻئي جماعتون عوام جي مطالبي جي نه صرف سخت مخالفت ڪن ٿيون پر ان معاملي تي اندرون سنڌ جي نام نهاد قوم پرستن جي زبان به ڳالهائين ٿيون. انهن فرمايو ته هڪ هفتو اڳ بنگله ديش ۾ جماعت اسلامي جي ٻن رهنمائن کي 1971 جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي ڏوھ ۾ ڦاهي ڏني وئي ته ان تي جماعت اسلامي وڏو احتجاج ڪيو ۽ اڃان به ڪري رهي آهي. پر اهي محب وطن پاڪستاني جن کي بهاري چيو وڃي ٿو ۽ جن 1971 ۾ پاڪستان کي بچائڻ جي خاطر پاڪ فوج جو ساٿ ڏنو هو. جنهن جي ڏوھ ۾ انهن جو قتل عام ڪيو ويو. جماعت اسلامي پاڪستان جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجھھ قربان ڪرڻ وارن انهن بهارين کي ته فراموش 
ڪري ڇڏيو جيڪي 1971 کان وٺي بنگله ديش جي ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن، پر جماعت اسلامي جي طرفان انهن جي وطن واپسي جي لاءِ ڪوئي به احتجاج نه ٿو ڪيو وڃي.ڇا ان جي ڪري جو اهي اردو ڳالهائڻ وارا آهن؟ انهن فرمايو ته انهن محصورين کان وڌي ڪري ڪوئي به پاڪستاني ٿي نه ٿو سگهي. انهن مطالبو ڪيو ته بنگله ديش ۾ محصور بهارين کي فوري طور تي پاڪستان واپس آندو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي هاڻي ڪراچي جي شاگردن کان ووٽ وٺڻ جي لاءِ انهن کي ٽيبليٽس( ليپ ٽاپ) ڏيڻ جي پيشڪش ڪري رهيون آهن. اها رشوت آهي پر ڪراچي جا شاگرد اهڙي ڪنهن به پيشڪش ۾ نه ايندا ۽ ايم ڪيو ايم کي ئي ووٽ ڏيندا. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي وارا  اليڪشن مهم تي اجايو پيسو خرچ نه ڪن ۽ ان پيسي سان غريبن جي مدد ڪن. ڇو ته اهي ڪجھھ به ڪري وٺن اهي ڪراچي ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ تائين ملڪ ۾ يا سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت نه آئي آهي پر جڏهن جڏهن ايم ڪيو ايم گڏيل حڪومت ۾ شامل ٿي ته ان عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي آهي. 2005 ۾ ايم ڪيو ايم جي سٽي گورنمينٽ آئي ته ان ڪراچي ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا، روڊ رستا، فلائي اوور، انڊر پاسز، باغ، گرين بسون ۽ ٻيا وڏا وڏا ترقياتي ڪم ڪري شهر جو نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو. ايم ڪيو ايم جي سٽي حڪومت ختم ٿي ته ڪراچي اڄ تائين مسائلستان بڻيل آهي. ڪو به وڏو ترقياتي منصوبو نه بڻايو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي سٽي حڪومت هئي ته شهر ۾ پاڻي جو ڪوئي به مسئلو نه هو، ايم ڪيو ايم لياري ۽ ڪراچي جي ٻيٽن ڀٽ آئي لينڊ ۽ بابا آئي لينڊ تائين به پاڻي پهچايو. پر هن وقت پاڻي جي ڪمي ڪراچي جو سڀني کان وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ چونڊيل مقامي نمائندن کي ته سمورا انتظامي ۽ مالياتي اختيار حاصل هئا. پر جمهوريت جي نام نهاد علمبردار پي پي جي سنڌ حڪومت لوڪل گورنمينٽ جو بااختيار نظام ختم ڪري ڇڏيو. لولو لنگڙو مڪاني نظام آڻي ڪري ميئر جا اختيار به کسي ورتا . ان کي صوبائي حڪومت ۽ بيوروڪريسي جو محتاج بڻايو ويو آهي. ڪي ايم سي، واٽر بورڊ، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايستائين جو سيوريج جو نظام به سنڌ حڪومت پنهنجن هٿن ۾ وٺي ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته شهرين جي خدمت جي لاءِ شهري حڪومت جو بااختيار نظام آندو وڃي. ميئر کي انتظامي ۽ مالياتي اختيارن سميت مڪمل اختيار ڏنا وڃن ۽ پوليس کي به ميئر جي ماتحت ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي مڪاني اليڪشن مهم هلائڻ جي مڪمل آزادي آهي. ايستائين جو پابندي وڌل تنظيمن کي به جلسا جلوس ڪرڻ ۽ ڪارنر ميٽنگن جي مڪمل آزادي آهي پر ايم ڪيو ايم کي آزادانه طور تي اليڪشن مهم هلائڻ نه ٿي ڏني وڃي. سڄي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، عهديدارن، پولنگ ايجنٽن ايستائين جو مڪاني اميدوارن کي به گرفتار ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جا جهنڊا، بل بورڊ ۽ پينافليڪس بينرَ به لاٿا پيا وڃن. لانڍي، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني، لائينز ايريا، رنڇوڙ لائين ۽ برنس روڊ جي علائقن ۾ خاص طور تي ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ۽ گهر گهر عوام کان پچيو پيو وڃي ته علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جا جهنڊا ڪير هڻي رهيو آهي. انهن پچيو ته ڇا اهو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جو ڪم آهي؟ جناب الطاف حسين اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي اپيل ڪئي ته اهي ان صورتحال جو نوٽس وٺن.ايم ڪيو ايم کي ان جي سياسي حق کان محروم نه ڪيو وڃي. ان جي ڪارڪنن ۽ عوام کي رياستي ظلمن ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو بند ڪرايو وڃي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن کي تلقين ڪئي ته اهي غير قانوني ڇاپن، گرفتارين، اليڪشن مهم ۾ رڪاوٽن،ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن ۽ ميڊيا ٽرائل جي باوجود صبر کان ڪم وٺن ۽ هرگز به ڪاوڙ ۾ نه اچن. انهن ڪراچي جي حق پرست پنجابين، پختونن، سنڌين، اردو ڳالهائڻ وارن، بلوچن، ڪشميرين ۽ هزاري وال عوام کي چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڪيلي آهي، سموريون سياسي ۽ مذهبي جماعتون، پابندي وڌل تنظيمون ۽ سمورا ڏوهاري ٽولا ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ٿي ويا آهن. ان جي ڪري 5 ڊسمبر تي اهي لازمي طور تي گهرن کان نڪرن ۽ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري وڏي اڪثريت سان ڪامياب بڻائين. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي الله تعالٰي جي ذات مبارڪ تي مڪمل يقين آهي ته جهڙي طرح حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عوام 12 جماعتن جي مقابلي ۾ ايم ڪيو ايم کي شاندار ڪاميابي ڏياري آهي، اهڙي طرح اهي به 5 ڊسمبر تي ايم ڪيو ايم کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين. جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي تلقين ڪئي ته اهي اليڪشن مهم جي دوران صبر کان ڪم وٺن، ڪنهن سان به تڪرار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو پيغام ۽ منشور عوام تائين پهچائين. انهن فرمايو ته عوام، نوجوانن، بزرگن، امڙين ۽ ڀينرن الطاف حسين سان جنهن محبت ۽ عقيدت جو اظهار  ڪيو آهي. اهڙي محبت دنيا ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. الله تعالٰي ان محبت کي قائم رکي، انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون ڪن.
*****

7/18/2024 6:22:06 AM