Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ئي مقصود آهي ته اسان 5 ڊسمبر کان پوءِ رضاڪارانه طور تي گرفتاريون ڏيئي ڇڏينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.


اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ئي مقصود آهي ته اسان 5 ڊسمبر کان پوءِ رضاڪارانه طور تي گرفتاريون ڏيئي ڇڏينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/26/2015
اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ ئي مقصود آهي ته اسان 5 ڊسمبر کان پوءِ رضاڪارانه طور تي گرفتاريون ڏيئي ڇڏينداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار.
اڻ ڄاتل ماڻهو بي نقاب ٿي ويا ته هاڻي مشڪوڪ ماڻهن جي اصطلاح متعارف ڪرائي وئي آهي. ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا.
لکين ماڻهن جي ريلي ۾ شرڪت گواھ آهي ته اسان جو احتجاج ناجائز نه آهي . حيدرعباس رضوي.
مزار قائد تي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي: 26 نومبر 2015 
                    قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته اليڪشن مهم ۾ مصروف ايم ڪيو ايم جي 100 گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسان کي به مڪاني اليڪشن وڙهڻ جي مڪمل آزادي ڏني وڃي. انهن چيو ته اسان جي مخالفن کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ ته هرائي نه ٿو سگهجي پر ايم ڪيو ايم جي مارجن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو انهي جي ڪري اهي حربا استعمال ڪري رهيا آهن پر اها انهن جي ڀل آهي ته ڪو ايم ڪيو ايم جو مارجن گهٽ ٿيندو ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم جو مارجن اڳ کان به وڌندو. انهن خيالن جو اظهار انهن قائد اعظم جي مزار تي لکين ڪارڪنن جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته گذريل ٻن سالن کان ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي تشدد ڪرڻ واري جماعت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انهن چيو ته اسان جي امن ۽ ڀائيچاري جي سياست آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اسان کي هميشه امن ۽ پيار جو ئي درس ڏنو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو اتحاد ڪراچي جي عوام ۽ برادرين سان آهي پر جڏهن ته ايم ڪيو ايم مخالف پنهنجي اليڪشن مهم ۽ ڪارنر ميٽنگون ڊرائنگ رومن ۾ ڪري رهيا آهن جنهن مان انهن جي عوامي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. انهن چيو  ته ايم ڪيو ايم جو آئيني ۽ قانوني حق آهي ته اها رينجر هيڊ ڪوارٽر جي سامهون احتجاج ڪري پر اسان سياسي ماڻهو آهيون، هتي لکين ماڻهن جو ميڙ آهي، خدا جو قسم نظم و ضبط اسان جو شعار نه هجي ها ته هي لکن جو ميڙ جوش ۾ اچي وڃي ها ۽ اهي سڀئي رڪاوٽون ٽوڙي ڇڏي ها. انهن چيو ته اڄ جو ملين مارچ وڏو ڪامياب ٿيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي 5 ڊسمبر کان پوءِ اسان جو بلين ۽ ٽريلين مارچ هوندو.  انهن چيو ته اسان امن جو پيغام  ڏيئي رهيا آهيون ، پر اسان جي صبر جي به هڪ حد آهي. انهن چيو ته رياستي ادارن جا اهلڪار اسان جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪن ته پوءِ اسان انصاف جي لاءِ ڪيڏانهن وڃون. انهن چيو ته ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جاري آهي پر ڪڏهن به ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ڪارڪن قانون نافذ ڪرڻ واري اداري جي اهلڪار جي مٿان هٿ نه کنيو آهي.انهن چيو ته اهي جماعتون جيڪي پنجاب ۾ باھ ۽ پاڻي آهن پر اهي حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف متحد ٿي ويون ۽ هتي باھ هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. انهن چيو ته مائنس ون فارمولو ڪامياب نه ٿيو ته هاڻي ڪراچي کي تقسيم ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. پر اهو شهر ڪراچي تقسيم نه ٿيندو ۽ اسان سڀ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهيون. انهن چيو ته اڄ ٽي وي چينلن تي مظاهري جي لائيو ڪوريج آئي آهي ۽ 5 ڊسمبر کان پوءِ سمورن چينلن تي جناب الطاف حسين جي تصوير ۽ تقرير جو بليڪ آئوٽ به ختم ڪري ڇڏينداسين. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي دشمنن کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ هرائي نه ٿو سگهجي، ان جي ڪري ان جي مارجن کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ انهي جي ڪري مڪاني اليڪشن جي موقعي تي اهي حربا ايم ڪيو ايم جي خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن. انهن چيو ته ٻن سالن کان ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي ان آپريشن ۾ اسان جي گهرن تي 5 هزار ڇاپا هنيا ويا. 750 ڪارڪن ڪوڙن مقدمن ۾ جيلن ۾ قيد آهن. 50 ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي ۽ 150 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي گم ڪيو ويو آهي. هاڻي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هتي پاڪستان جو آئين ۽ قانون هلائڻو آهي يا جهنگ جو قانون. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سان ظلم جاري آهي ۽ اسان جي ڪارڪنن کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي مخالفن کي شڪ آهي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي اقتدار ڏنو ويو ته ايم ڪيو ايم ٻه سيڪڙو ظالم قوتن جي حڪمراني ختم ڪري ڇڏيندي. انهن چيو ته اڄ لکين ماڻهن جي ريلي شاهدي ڏيئي رهي آهي ته ڪوئي به هٿڪنڊو استعمال ڪيو وڃي پر ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ هرگز به نه ڪندي. رابطا ڪميٽي ميمبر محمد حسين خطاب ڪندي چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر بانيان پاڪستان جون اولادون پنهنجين عزتن ۽ سلامتي جي ضمنات جي لاءِ پنهنجن گهرن کان نڪتيون آهن ۽ اهڙيون حالتون انهن جي لاءِ بار بار ڇو پيدا ڪيون پيون وڃن؟ ان موقعي تي خطاب ڪندي حيدرعباس رضوي چيو ته 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ لکين ماڻهن جي ريلي جو انعقاد ڪرڻ ۽ هي لکين ماڻهن جو سمنڊ گواهي ڏيئي رهيو آهي ته اسان جو احتجاج ناجائز نه آهي. ان موقعي تي فيصل سبز واري به خطاب ڪيو.

7/18/2024 6:24:00 AM