Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/26/2015
تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب.
لنڊن: 26 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اعلان ڪيو آهي ته پوليس ۽ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي يونٽن، سيڪٽر آفيسن ۽ اليڪشن آفيسن تي ڇاپن، گرفتارين ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي.انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمايو . اجلاس ۾ هزارين نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان جي بزرگن پاڪستان بڻايو پر پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ مهاجرن کي اڄ تائين دل سان تسليم نه ڪيو آهي. مختلف وقتن ۾ مهاجرن جا حق غصب ڪيا ويا. انهن جو قتل عام ڪيو ويو، ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين طريقن سان مهاجرن جا حق ڇنيا ويا. اسان مهاجرن جي حقن جي لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو ته اسان کي رياستي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. حاليه آپريشن 2013  ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي شروع ڪيو ويو. پر ڪاروائي صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي پئي وڃي.اتحاد ٽائون ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن رينجر تي حملو ڪري چئن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. اسان کي به ان واقعي تي افسوس آهي ۽ اسان ان واقعي جي مذمت به ڪئي پر دهشت گردن جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. مڪاني اليڪشن جي مهم جاري آهي، تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي اليڪشن جي سرگرمين جي آزادي آهي پر ايم ڪيو ايم کي آزادانه طور تي اليڪشن مهم هلائڻ نه ٿي ڏني وڃي. ان جي آفيسن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ڪورنگي جي سيڪٽر آفيس تي ڇاپو هنيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن زيادتين ۽ رياستي ظلمن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. انهن اعلان ڪيو ته پوليس ۽ رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي يونٽن، سيڪٽرن ۽ اليڪشن آفيسن تي ڇاپن ۽ گرفتارين جي باوجود ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪندي ۽ پرامن طريقي سان پنهنجن حقن جي جدوجهد جاري رکندي. جناب الطاف حسين اليڪشن ڪميشن کي چيو ته اسان کي آزادي سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ڏنو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابندي نه لڳائي وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير دفاع خواجه آصف کان مطالبو ڪيو ته اهي مداخلت ڪن ۽ ايم ڪيو ايم کي آزادانه طور تي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيارين. 

6/30/2024 3:16:02 PM