ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد معروف دانشور ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي
ڪراچي: 24 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد معروف دانشور، اديب، شاعر، ليکڪ ۽ سابق حق پرست سينيٽر جميل الدين عالي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار جميل الدين عالي مرحوم جي فرزندن ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت ۽ همدردي جو پيغام به پهچايو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ پارليماني ليڊر سيد سردار احمد ۽ اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي به شامل هئا.