پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم سک برادري کي انهن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي 547 هين جنم ڏينهن تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
لنڊن: 24 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم سک برادري کي انهن جي روحاني پيشوا بابا گرونانڪ جي 547 هين جنم ڏينهن جي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته بابا گرونانڪ جي تعليمات ۾ انسانيت جي ڀلائي جو درس ملي ٿو ۽ ڪنهن به مذهبي رهنما جي طرفان بغير ڪنهن فرق جي انسانيت سان پيار ۽ ڀائي چاري جو درس ڏنو وڃي ته ان جي لاءِ ماڻهن ۾ مذهب جي فرق کان سواءِ ئي احترام جا جذبا پيدا ٿين ٿا ۽ بابا گرونانڪ جو شمار به انهن ئي روحاني شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. جناب الطاف حسين سک برادري جي رهنمائن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، دهشت گردي جي خاتمي ۽ امن و امان جي قيام جي لاءِ خصوصي به دعائون ڪن.
*****