Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


مڪاني اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 11/23/2015
مڪاني اليڪشن ويجهو ايندي ئي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
پنجن ڏينهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي 38 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 23 نومبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي ويجهو ايندي ئي شهر جي مختلف علائقن مان پوليس ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ پنجن ڏينهن ۾ ڪراچي مان ايم ڪيو ايم جي 38 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اڄ سومر جي ڏينهن ملير جي مختلف علائقن مان رينجر ملير سيڪٽر يونٽ 100 جي ڪارڪنن رحمٰن خان، راشد سيال، ارشاد حسين ۽ همدرد  اڪمل علي ۽ محمد انيس کي گرفتار ڪري ورتو. آچر جي ڏينهن لياري يونٽ 29 کان ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن اسلم زئي ۽ زوهيب کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم جي 32 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. جن ۾ پي آئي بي يونٽ 58 جو يونٽ انچارج محمد امتياز، جوائنٽ انچارج محمد خالد، ڪارڪن نديم ۽ وارڊ نمبر 3 جو حق پرست اميدوار غلام اڪبر، ڪورنگي يونٽ 76 جو ڪارڪن ڪامران خان، ملير يونٽ 97 جا ڪارڪن محمد 
اخلاق ۽ اعجاز خان، يونٽ 95 جو ڪارڪن نعيم راحيل، يونٽ 99 جو ڪارڪن عمران رحمت، شاھ فيصل ڪالوني يونٽ 108 جا ڪارڪن پرويز عالم، عبدالوقار، شاھ زيب عالم، شاھ فيصل ڪالوني، يونٽ 103 جا ڪارڪن زاهد اقبال، عبدالعليم جعفري، محمد شاهد سوتي، لائينز ايريا يونٽ 196 جو ڪارڪن عابد علي، لائينز ايريا يونٽ 52 جا ڪارڪن نديم ، وقار، فيصل حنيف قريشي، محمد آصف خان، زاهد حسين، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 75 جا ڪارڪن بابر ارشد شيخ، صادق حسين، ڪورنگي سيڪٽر يونٽ 76 جا ڪارڪن ڪامران خان ۽ ارسلان، ڊفينس سيڪٽر يونٽ 7 جا ڪارڪن معراج حسين ، عبدالرشيد ۽ اسڪيم 33 جو ڪارڪن محمد سهيل شامل آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته هجڻ ته اهو گهرجي ها ته بلديه ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ رينجر جي اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ها پر انتهائي حيرت انگيز ڳالھھ اها آهي ته پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جيڪي 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن جي سرگرمين ۾ مصروف آهن. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ بي گناھ ڪارڪنن جي گرفاترين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.
*****

6/30/2024 3:16:46 PM