جماعت اسلامي وارا بنگله ديشي اڳواڻڻ جي ڦاهين تي ته مظاهرا ڪري رهيا آهن پر محصور پاڪستانين جي لاءِ مظاهرا ڇو نه ٿا ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مان غدار نه آهيان بلڪه مان ظلم ۽ ناانصافين جي فرسوده نظام جو باغي آهيان.
نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي تحت معززن جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن:23 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بنگله ديش ۾ ٻن اڳواڻڻ کي ڦاهي ڏني وئي ته ان تي جماعت اسلامي احتجاجي مظاهرا ڪيا، جماعت اسلامي وارا چون ٿا ته انهن جي رهنمائن غداري نه ڪئي بلڪه انهن پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي وارا انهن جي لاءِ ته جلوس ڪڍن ٿا پر محصور پاڪستاني جيڪي 1971 کان وٺي بنگله ديش جي ريڊ ڪراس جي ڪيمپن ۾ مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ اتي محصور ڀينرون ۽ نياڻيون بکون ڪٽڻ تي مجبور ٿي ڪري پنهنجيون عزتون وڪڻڻ تي مجبور آهن. آخر انهن محصور پاڪستانين کي وطن واپس آڻڻ جي ڳالھھ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. انهن جي لاءِ مظاهرا ڇو نه ٿا ڪيا وڃن.اها ڳالھھ انهن نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي زير اهتمام زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن معززن جي هڪ وڏي اجلاس کي
ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي تاريخ ، تحريڪ پاڪستان جي سببن، بانيان پاڪستان جي قربانين ۽ تاريخي حوالن جي روشني ۾ قيام پاڪستان کان پوءِ بانيان پاڪستان جي اولادن سان ٿيندڙ ناانصافين جي مختصر تاريخ به بيان ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ پاڪ و هند ۾ بادشاهن ۽ نوابن جي حڪومت هوندي هئي. جتي مختلف مذهبن جي مڃڻ وارا امن ۽ سڪون جي زندگي گذاريندا هئا. جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻه نمايان مذهبي قومون هيون. پنج سو کان وڌيڪ سالن ۾ ڪڏهن به هندن ۽ مسلمانن ۾ فساد نه ٿيا. پر جئين ئي ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي آمد ٿي ته مسلمانن ۽ هندن ۾ ڏار وڌا ويا . اهي ڏار ايتري قدر وڌيا جو ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي ورهاست جو سبب بڻجي ويا. وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي جي تحت مسجد جي سامهون سوَر ۽ ٽڪاڻي جي سامهون گئون جي منڍي وڍي ڪري اڇلائڻ سان هندو مسلم فساد ڪرايا ويا. مسلم آبادي چوڻ لڳي ته مسلمانن جو هندن سان گذارو ممڪن نه آهي ۽ هندو اڪثريت جي بنياد تي وڌيڪ حقن جو مطالبو ڪرڻ لڳا. جناب الطاف حسين فرمايو ته باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح پهرين آل انڊيا ڪانگريس جا ميمبر هئا. جڏهن انهن ڏٺو ته مسلمانن کي انهن جو جائز حق نه ملي رهيو آهي ته انهن ڪانگريس جي ميمبر شپ کان استعيفٰي ڏيئي ڇڏي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن ۾ ٿي. قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ 20 لک مسلمانن پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا. عورتن پنهنجين عزتن جي تحفظ جي لاءِ ڪوهن ۾ ٽپا ڏيئي ڪري پنهنجيون جانيون ڏيئي ڇڏيون. پوڙهن والدين جي سامهون انهن جي نوجوان پٽن کي قتل ڪيو ويو. پر بانيان پاڪستان تمام تر ظلمن جي باوجود پنهنجي جدوجهد ۾ ڄميل رهيا ۽ بٽ ڪي رهي گا هندستان اور لي ڪي رهين گي پاڪستان. جو نعرو لڳائيندا رهيا. مولانا ابو الڪلام آزاد ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي رڙيون ڪري ڪري سڏيندا رهيا ته توهان صدين کان هن زمين تي رهندا پيا اچو. ان زمين ۾ توهان جي ابن ڏاڏن جي تاريخ آهي. ان جي ڪري ان زمين کي ڇڏي ڪري نه وڃو ڇو ته توهان پنهنجي زمين ڇڏي ڪري جيڏانهن وڃي رهيا آهيو اتي توهان کي ڪوئي به قبول نه ڪندو. پر مولانا ابو الڪلام آزاد کي هندن جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن بانيان پاڪستان جي جاني و مالي قربانين جي نتيجي ۾ پاڪستان قائم ٿي ويو ته قيام پاڪستان جي شروعاتي ڏينهن ۾ هجرت ڪري پاڪستان اچڻ وارن آفيسن جو ڪم سنڀاليو ۽ پاڪستان کي انفراسٽرڪچر ڏنو. قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان هلائڻ جي لاءِ اپيلون ڪري اردو ڳالهائڻ وارن سي ايس پي آفيسرن ۽ بيوروڪريٽن کي هندستان کان گهرايو. جن پاڪستان جي معيشت کي سنڀاليو ۽ پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي طور تي مضبوط بڻايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايوب خان جي دور ۾ اردو ڳالهائن وارن اعلٰي بيوروڪريٽن کي تعصب جي بنياد تي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. پوءِ يحيٰي خان جي دور ۾ سوين مهاجر بيوروڪريٽن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو ۽ باقي رهيل ڪسر ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ پوري ڪئي وئي ۽ باقي بچيل مهاجر بيوروڪريٽن کي به سنڌ جي سرڪاري ادارن مان ڪڍيو ويو. اهو ئي نه بلڪه نيشنلائزيشن جي نالي تي به مهاجرن جون صنعتون،ا علٰي معيار جا ڪاليج، اسڪولَ، بينڪون، ملون ۽ انشورنس ڪمپنين تي به قبضو ڪيو ويو. جڏهن ڊي نيشنلائزيشن ڪئي وئي ته مهاجرن کي انهن جون ڇنل ملڪيتون واپس ڪرڻ جي بجاءِ اهي غير مهاجرن کي ڏنيون ويون ۽ مهاجرن جو بدترين معاشي قتل عام ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي آئين جو سهارو ورتو ۽ 1973 ۾ انهن مهاجرن جو تعليمي قتل عام ڪرڻ جي لاءِ صرف سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪري ڇڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جو مقصد ٻهراڙي ۽ شهري وارن علائقن کي برابر آڻڻو هو ته پوءِ اهو ڪوٽا سسٽم پاڪستان جي باقي ٽن صوبن ۾ ڇو نه نافذ ڪيو ويو. سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جو مقصد فقط تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي اردو ڳالهائڻ وارن مهاجرن کي سياسي، معاشي ۽ تعليمي ميدان ۾ پٺتي ڌڪڻ هو ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 1970 جي اليڪشن ۾ مجيب الرحمٰن جي عوامي ليگ ڪاميابي حاصل ڪئي . پر اولھھ پاڪستان جي مالڪن اليڪشن جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ۽ اقتدار مجيب الرحمٰن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ بنگالين پنهنجن حقن جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ حقن جي جدوجهد جو نعرو بنگله ديش جي آزادي جي نعري ۾ بدلجي ويو. انهن فرمايو ته اولھھ پاڪستان جا ماڻهو سابقه اوڀر پاڪستان جي بنگالي عوام کي پاڪستان جي معيشت تي بار قرار ڏيندا هئا. بنگالين کي سنهڙو ۽ ڪمزور چوندا هئا. انهن کي پاڪستاني جي بجاءِ پنهنجو غلام ۽ جيت ۽ ماڪوڙو سمجهندا هئا. پر انهن ئي ڪمزور بنگالين نه صرف پنهنجو الڳ وطن قائم ڪيو پر اڄ بنگله ديش جي ڪرنسي پاڪستان کان به وڌيڪ مضبوط آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان اهي تاريخي حقيقتون بيان ڪريان ٿو ته مون کي غدار چيو وڃي ٿو. پر حقيقت اها آهي ته مان غدار نه بلڪه ظلم ۽ ناانصافين جي نظام جو باغي آهيان. ايم ڪيو ايم کان اڳ مهاجرن کي سنڌ جي شهري علائقن ۾ تعصب ۽ نفرت جو نشانو بڻايو ويندو هو. مهاجرن سان ڀريل بس ۾ مهاجر بزرگن ۽ نوجوانن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو ۽ سمورا مهاجر ظلم ۽ ناانصافي جا اهي منظر ڏسي ڪري خاموش رهندا هئا. پر ايم ڪيو ايم مهاجرن کي متحد ڪيو. اڄ منهنجي تقريرن ۽ تصويرن کي نشر ۽ شايع ڪرڻ تي ان جي لاءِ پابندي آهي جو الطاف حسين وکريل ۽ ڪمزور مهاجرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هڪ طاقت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مهاجرن سان گڏو گڏ سڄي ملڪ جي مظلومن کي انهن جا حق ڏيارڻ جي به ڳالھھ ڪري ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪالھھ جماعت اسلامي جي ٻن رهنمائن کي بنگله ديش ۾ ڦاهي ڏني وئي ته ان جي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق مذمت ڪئي ۽ اڄ جماعت اسلامي مظاهرا ڪيا آهن. انهن سوال ڪيو ته بنگله ديش هاڻي پاڪستان جو حصو آهي يا لڳ ملڪ آهي؟ انهن پنهنجي قانون جي مطابق سزا ڏني آهي. جماعت اسلامي وارا چون ٿا ته انهن جي رهنمائن غداري نه ڪئي هئي پر انهن پاڪستان جو ساٿ ڏنو هو. انهن فرمايو ته جماعت اسلامي وارا انهن جي لاءِ جلوس ڪڍن ٿا پر محصور پاڪستاني جيڪي 1971 کان وٺي ڪري بنگله ديش جي ريڊڪراس جي ڪيمپن ۾ مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن. آخر انهن محصور پاڪستانين کي واپس آڻڻ جي ڳالھھ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان چيو ته ڪراچي ۾ طالبان اچي ويا آهن ته پوري پي پي رڙيون ڪرڻ لڳي، وزير اعلٰي سميت سمورن وزيرن ان جو انڪار ڪيو. مون کي طعنا ڏنا ويا، مان چيو ته القائده اچي وئي آهي ته ان تي به منهنجو مذاق اڏايو ويو. مان چيو ته هتي داعش اچي وئي آهي ته چيو ويو ته الطاف حسين ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. پر منهنجيون ڳالهيون اڄ سچ ثابت ٿي ويون آهن. انهن فرمايو ته پهرين ڪٿي ڪوئي به قتل جو واقعو ٿي ويندو هو ته ان جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳايو ويندو هو. ڪجھھ مهينا اڳ صفورا سانحي ۾ دهشت گردن اسماعيلي برادري جي بس تي حملو ڪري درجنين معصوم ۽ بي گناهن کي بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو. ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ڪجھھ ماڻهن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان واقعي ۾ به ايم ڪيو ايم ملوث آهي. پر خدا جو شڪر آهي ته ان واقعي ۾ جيڪي دهشت گرد پڪڙيا ويا. انهن سڀني جو تعلق اسلامي جميعت طلبه سان هو.انهن فرمايو ته طالبان ۽ القائده جا تمام وڏا دهشت گرد جماعت اسلامي وارن جي گهرن مان پڪڙيا ويا. پر جماعت اسلامي وارن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ دهشت گردن رينجر جي چئن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن جو اسان کي به افسوس آهي. هجڻ ته ائين گهرجي ها ته اتحاد ٽائون جو گهيراءُ ڪري ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي پڪڙيو وڃي ها. پر ان جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته 27 ڊسمبر 2007 تي بينظير جي شهادت جو واقعو ٿيو ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن تائين وڏي پيماني تي ڀڃ ڊاھ ٿيندي رهي. دڪانن، بينڪن، فيڪٽرين ۽ گاڏين کي ساڙيو ويندو رهيو. ڪيترن ئي بي گناهن کي قتل ڪيو ويو. پر اسان ڪوئي به رڌعمل نه ڏنو ڇو ته مان امن چاهيان ٿو. آصف زرداري نائن زيرو تي آيا ۽ انهن معافي تلافي ڪئي. مان صدر جي عهدي جي لاءِ انهن جو نالو تجويز ڪيو. اسان انهن سان اتحاد ڪيو. هر ڏکئي وقت ۾ زرداري جو ساٿ ڏنو. زرداري سان منهنجيون جيتريون به ملاقاتون ٿيون انهن ۾ مان پنهنجي لاءِ انهن کان ڪجھھ به نه گهريو. بلڪه انهن کي اهو ئي چيو ته ڪراچي جي لاءِ ماس ٽرانزٽ ، پاڻي جو منصوبو ڪي 4 ۽ ٽرانسپورٽ جو سسٽم ڏيو. ڪراچي ۽ شهري علائقن جي نوجوانن جي لاءِ نوڪريون ڏيو. پر انهن وعدن جي باوجود ڪنهن به ڳالھھ تي عمل نه ڪيو ويو. شهري علائقن جي حق تلفين ۽ ناانصافين جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. انهن فرمايو ته اسان سنڌ ۾ ڄام صادق، لياقت جتوئي يا ارباب رحيم سان اتحاد ڪريون ۽ اهي گروپ اقليت ۾ هجن ۽ اسان اڪثريت ۾ هجون. پر پوءِ به اسان جو وزير اعلٰي نه ٿو بڻجي سگهي. ڪراچي وفاق کي 67 سيڪڙو روينيو ڏيئي ڏيئي ٿو. پر ان کي جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان کي بچائڻو آهي ۽ حڪومتي نظام کي هلائڻو آهي ته پاڪستان ۾ 20 صوبا بڻائڻا پوندا. سنڌ ۾ به شهري علائقن تي ٻڌل صوبو ٺاهڻو پوندو. انهن فرمايو ته اهو الطاف حسين جو وعدو آهي ته شهري علائقن تي ٻڌل صوبو صرف مهاجرن جو نه هوندو بلڪه اهو پنجابين، سنڌين، بلوچن، پختونن ۽ ٻين سڀني قومن جو هوندو. هتي ڪنهن سان به تعصب نه ٿيندو. بلڪه هتي سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هر هڪ کي ميرٽ جي بنياد تي ان جو حق ملندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ ترتي پسند،لبرل ۽ پروگريسو جماعت آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙو معاشرو ۽ نظام قائم ڪرڻ چاهي ٿي جتي سڀني کي هڪ جهڙا حق ملن ۽ سڀ امن و سڪون سان زندگي گذاري سگهن. انهن اجتماع جي انعقاد تي نارٿ ناظم آباد ريذيڊنس ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي خراج تحسين به پيش ڪيو.
*****