Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪوهاٽ ۾ نيو نيوز جي رپورٽر حفيظ الرحمٰن جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي طرفان مذمت جو اظهار


ڪوهاٽ ۾ نيو نيوز جي رپورٽر حفيظ الرحمٰن جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 11/22/2015
ڪوهاٽ ۾ نيو نيوز جي رپورٽر حفيظ الرحمٰن جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 22 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي شعبه اطلاعات دهشت گردن جي فائرنگ سان ڪوهاٽ ۾ نيو نيوز جي رپورٽر حفيظ الرحمٰن جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ شعبه اطلاعات چيو ته صحافتي فرض انجام ڏيڻ جي دوران حفيظ الرحمٰن کي دهشت گردن جي طرفان هلاڪ ڪرڻ نه صرف افسوسناڪ بلڪه امن پسند شهرين جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھھ به آهي. شعبه اطلاعات حفيظ الرحمٰن جي سوگوار پونئرن سان ۽ نيو نيوز جي اسٽاف سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه شعبه اطلاعات ڪي پي ڪي جي وزير اعلٰي پرويز خٽڪ کان مطالبو ڪيو ته اهي حفيظ الرحمٰن جي قتل جو نوٽس وٺن ۽ ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائي سخت ترين سزا به ڏيارين. 


6/30/2024 3:18:21 PM