Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي کي ايم ڪيو ايم کان ڇني ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار.


مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي کي ايم ڪيو ايم کان ڇني ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/22/2015
مڪاني اليڪشن ۾ ڪراچي کي ايم ڪيو ايم کان ڇني ڪري ڪنهن ٻئي جي حوالي ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جو امن خراب ڪرائي  مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿيون.
ڊاڪٽر فاروق ستار جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 22 نومبر 2015 
                  ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن جي ويجهو ايندي ئي ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي، جن مان ڪيترن ئي کي اليڪشن آفيسن کان گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، عبدالحسيب، اسيمبلي ميمبر سردار احمد ۽ سي اي سي انچارج وسيم اختر  به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي جا عوام ايم ڪيو ايم تي اعتماد ڪن ٿا. جنهن جو ثبوت اسان جي ڪارنر ميٽنگن ۾ عوام جي هزارن جي تعداد ۾ شرڪت آهي. انهن چيو ته پهرين نومبر کان وٺي ڪري هن مهل تائين اسان جي 77 بي گناھ ڪارڪنن کي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي اهلڪارن گرفتار ڪيو آهي. انهن چيو ته حڪومت اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي. جنهن کان پوءِ اسان سينيٽ، قومي 

۽ صوبائي اسيمبلي کان پنهنجا استعيفٰي واپس ورتا ۽ اليڪشن جي سرگرمين جو آغاز ڪيو هو. انهن چيو ته  اتحاد ٽائون ۾ رينجر جي اهلڪارن جي شهادت تي مان پاڻ  ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر کي فون ڪري جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار ڪيو هو ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري به ڪرائي هئي. ائين لڳي ٿو ته اتحاد ٽائون ۾ پيش ايندڙ واقعو شهر جو امن تباھ ڪري مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي هڪ سازش آهي ۽ انهي افسوسناڪ واقعي  کي جواز بڻائي ڪري پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي جي طرفان مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جيڪو انهن ٻنهي جماعتن جي طرفان اليڪشن کان ڀڄڻ جي ڪوشش آهي. پر ميڊيا کي معلوم آهي ته 2013 جي جنرل اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم ۽ ٻين سياسي جماعتن تي حملا ڪيا ويا ۽ حالتون اڄ کان به خراب هيون پر پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي انهن اليڪشنن کي ملتوي ڪرائڻ  جو ڪوئي به مطالبو نه ڪيو هو.ڪي پي ڪي ۾ به مڪاني اليڪشن ٿيا. جنهن ۾ مڪاني اميدوارن کي قتل ڪيو ويو پر پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي ڪوئي به مطالبو نه ڪيو. انهن چيو ته اهي ٻئي جماعتون ڪراچي جي اليڪشن کي نقصان پهچائڻ ۽ صفورا سانحي جي ڏوهارين کي تحفظ ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. ڇو ته ان واقعي کان پوءِ جماعت اسلامي ۽ ان جي ٿنڊر اسڪواڊ جو چهرو سمورن پاڪستانين جي سامهون اچي ويو آهي. ٻئي جماعتون اصل ۾ انتها پسندن جون سياسي ونگ آهن. جيڪي انهن کي بچائڻ جي لاءِ ميدان ۾ آيون آهن ۽ اتحاد ٽائون واقعي ۾ به فرقي وارانه تنظيمن جي ملوث ٿيڻ جون شاهديون مليون آهن. انهن چيو ته پوليس سنڌ حڪومت کي رپورٽ جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ کان اهڙن علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي انتها پسندن ۽ مذهبي جنونيت پسند پابندي وڌل تنظيمن جو اثر ۽ قبضو آهي.جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائنده آبادي نه آهي. ان جي باوجود اسان جي حمايت يافته علائقن ۾ ڇاپا هڻي ڪري بي گناهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. ڪراچي آپريشن جي آغاز کان وٺي ڪري هن مهل تائين اسان جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ آفيسن تي 5000 هزار ڇاپا هنيا ويا. پر ڪنهن به هنڌ کان قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي مزاحمت جو سامنو نه ڪرڻو پيو، جيڪو اسان جي امن پسندي جو ثبوت آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن اسان جي بي گناھ ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو نه رڪيو ته ان سان ڪراچي جي عوام ۾ اهو احساس زور وٺندو ته انهن کي پاڪستان ۾ برابر جو شهري نه ٿو سمجهيو وڃي. انهن چيو ته اسان ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي خط لکي رهيا آهيون ۽ ڊي جي رينجر سنڌ کي به اپيل ڪري رهيا آهيون ته اهي انهن سازشن کي سمجهن ۽ مڪاني اليڪشن جي خلاف سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڊي جي رينجر کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ اليڪشن کان اڳ امن و امان کي خراب ڪرڻ جي سازشن جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ.
*****

6/30/2024 3:18:00 PM