Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جماعت اسلامي ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون مڪاني اليڪشن کان ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهيون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جماعت اسلامي ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون مڪاني اليڪشن کان ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهيون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/22/2015
جماعت اسلامي ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون مڪاني اليڪشن کان ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهيون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ايم ڪيو ايم اليڪشن جي منسوخي يا التوا نه ٿي چاهي بلڪه اها هر قيمت تي اليڪشن جو انعقاد چاهي ٿي.
سرجاني ٽائون، محمود آباد ۽ سوسائٽي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسن کي خطاب.
لنڊن: 22 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون جماعتون حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي مقابلي ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ اليڪشن کان ڀڄڻ جا بهانا ڳولي رهيون آهن ۽ امن و امان جو بهانو بڻائي ڪري مڪاني اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿيون. ايم ڪيو ايم اليڪشن جو التوٰي هرگز به نه بلڪه اها هر قيمت تي اليڪش جو انعقاد چاهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن سرجاني ٽائون، محمود آباد ۽ سوسائٽي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب ۾ فرمايو ته ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ دهشت گردن رينجر جي چئن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو، ان واقعي منهنجي چيل کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو ته داعش جا ماڻهو ڪراچي ۾ اچي ويا آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته اتحاد ٽائون جي واقعي کي جواز بڻائي ڪري پي ٽي آئي ۽ جماعت اسلامي وارن اهي بيان ڏنا ته 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن ملتوي ڪيا وڃن ڇو ته حالتون ٺيڪ نه آهن. انهن فرمايو ته قومون حالت جنگ ۾ به ڪمن کي نه ٿيون روڪن. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ چند خاندانن جي حڪمراني آهي باقي غريب ماڻهن جو اهو ئي حال آهي. انهن فرمايو ته مهاجر هجي، سنڌي هجي، بلوچ هجي، پختون هجي، ميمڻ هجي، اسماعيلي هجي، گجراتي هجي، هندو هجي، مسلمان هجي، ڪرسچن هجي، سک هجي سڀني جي رت جو رنگ هڪ جهڙو ئي آهي،ان جو مطلب اهو آهي ته اسان سڀ هڪ جهڙا ئي آهيون ۽ اسان سڀني جا مسئلا هڪ جهڙا ئي آهن.اسان ۾ ڪوئي به فرق نه آهي، غريب ڪهڙي به قوم جو هجي اهو بيمار ٿئي ٿو ته اهو سرڪاري اسپتالن جا چڪر لڳائي ٿو. پر امير پنجابي هجي، ڪشميري هجن، اردو ڳالهائڻ وارو هجي، پختون هجي، سنڌي هجي، بلوچ هجي اهو سرڪاري اسپتالن ۾ نه ٿو وڃي بلڪه اهو وڏن وڏن پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ وڃي ٿو. پر اسان غريب دوائن جي لاءِ ترسندا رهون ٿا، بجلي، پاڻي ۽ گيس جي لاءِ ترسندا رهون ٿا. پر انهن اميرن کي ته سڀ شيون ميسر آهن.انهن فرمايو ته ملڪ کي جاگيردارن، وڏيرن ۽ سرمائيدارن لٽي ڪري کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ غريبن کي بي سهارا ڪري ڇڏيو آهي پر انهن غريبن جو جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڪوئي سچو همدرد آهي ته اهو صرف  الطاف حسين آهي ۽ جيڪڏهن ڪا حق پرست جماعت آهي ته اها صرف متحده قومي موومينٽ آهي.جنهن ۾ غريب هاري ۽ غريب مزدور آهن ان ۾ ڪوئي به وڏيرو ۽ سرمائيدار نه آهي.جيڪڏهن ڪنهن پارٽي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ۽ سينيٽ ۾ غريبن کي چونڊرائي ڪرائي ڪري موڪليو ته اها صرف متحده قومي موومينٽ آهي. ايم ڪيو ايم جي پليٽ فارم کان رڪشي هلائڻ وارو، ڪمند جو رس وڪڻڻ وارو ۽ سبزي وڪڻڻ وارو اسيمبلين ۾ ويو. جيڪو ڪڏهن به اليڪشن وڙهڻ جو سوچي به نه پيو سگهي. ايم ڪيو ايم اها نئين روايت وڌي ته اها پنهنجي کيسي مان  تنظيم جي غريبن جا فارم ڀرائي ٿي. انهن جا ڀينر ڇپرائي ٿي ۽ انهن جا خرچ به برداشت ڪري ٿي ۽ پوءِ انهن کي ايوانن ۾ موڪلي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم سڀني قومن ۽ سڀني مذهبن ۽ فقهن جي جماعت آهي، جيڪي اهو چون ٿا ته ايم ڪيو ايم سنڌين، پنجابين، پختونن يا بلوچن سان نفرت ڪري ته اهي اچي ڪري ڏسن ته انهن سڀني قومن جا ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ شامل آهن ۽ هڪ خاندان وانگر رهن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند ۽ امن پسند جماعت آهي. ان پي پي جو ساٿ ڏنو ته جيئن ملڪ ۾ جمهوريت هلندي رهي ۽ سنڌ جي اندر سنڌي مهاجر جو فرق ختم ٿئي. انهن فرمايو ته آصف علي زرداري سان منهنجيون جيتريون به ملاقاتون ٿيون مان انهن کي اهو ئي چيو ته سنڌ ۾ جيڪو 40/60 جو ڪوٽا نافذ آهي گهٽ ۾ گهٽ ان تي ئي عمل ڪندي شهري علائقن جي نوجوانن کي پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن، شهري علائقن کي ترقي جي لاءِ فنڊ ڏنا وڃن. پر آصف علي زرداري ڪوئي به وعدو پورو نه ڪيو. انهن فرمايو ته جڏهن 1972 ۾ سنڌ ۾ ڀٽي شهري ۽ ٻهراڙي جو ڪوٽا نافذ ڪيو ته ان وقت الطاف حسين ميدان ۾ نه هو. ڪوٽا سسٽم جي نفاذ جو اهو جواز پيش ڪيو ويو هو ته ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري وارن علائقن جي برابر آڻڻو آهي. انهن سوال ڪيو ته ڇا ٻهراڙي وارا علائقا پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد ۾ نه هئا. پوءِ اهو ڪوٽا سسٽم صرف سنڌ ۾ ڇو نافذ ڪيو ويو؟ ڏهن سالن جي لاءِ نافذ ٿيندڙ اهو ڪوٽا سسٽم اڄ تائين ڇو نافذ آهي. انهن فرمايو ته ناانصافين جي لڳاتار عمل جي ڪري سنڌ جي شهري وارن علائقن جي عوام ۾ اها سوچ تيزي سان وڌي رهي آهي ته انهن جو الڳ صوبو بڻايو وڃي. انهن فرمايو ته دنيا جي هر ملڪ آبادي وڌڻ تي ۽ حڪومت جي نظام کي بهتر طريقي سان هلائڻ جي لاءِ نوان صوبا قائم ڪيا. پر پاڪستان جي آبادي اڄ 20 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ ٿي چڪي آهي. پر پاڪستان ۾ اڄ تائين صرف اهي ئي چار صوبا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي ملڪ کي 67 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊ ۾ ان کي ڪجھھ به نه ٿو ملي. انهن فرمايو ته اسان چئون ٿا ته ملڪ ۾ سرائيڪي صوبو بڻايو، هزاري وال صوبو بڻايو، فاٽا کي به صوبو بڻايو اوهان 20 صوبا بڻايو پر هاڻي سنڌ ۾ هڪ صوبو نه هلندو، سنڌ ۾ اوهان کي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ صوبا بڻائڻا پوندا. انهن فرمايو ته مان قسم کڻي ڪري چوان ٿو ته ڪراچي ۾ جيڪي پنجابي، سنڌي، بلوچي، پختون، هزاري وال ، ڪشميري، گلگتي يا ٻيا پنهنجن ٻارن سميت رهن ٿا، اهي هتي ئي ڪمائن ٿا ۽ انهن پنهنجو جيئڻ مرڻ ڪراچي سان ئي ڳنڍي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪراچي صوبو بڻيو ته  هتي رهندڙ پنجاجي، سنڌي، پختون، بلوچ ۽ مهاجر سڀني جو برابر جو حق هوندو. هتي ڪنهن پنجابي، سنڌي يا ڪنهن به نسلي يا لساني قوم تي آڱر کڻڻ وارو ڪوئي به نه هوندو. اسان جيڪڏهن ڪجھھ ڪنداسين ته صرف محبت ڪنداسين. نفرت نه ڪنداسين. اسان جو صوبو هوندو ته ڪوئي به ڪنهن کي غلط نظر سان نه ڏسندو. هتي معاشي حالت بهتر ٿيندي. بجلي هوندي، پاڻي هوندو، گيس هوندي، تعليم هوندي ۽ صحت جي بهتر سهولت هوندي. ان موقعي تي اجتماع ۾ موجود سمورن ماڻهن نون صوبن جي قيام جي مڪمل حمايت جو اظهار به ڪيو. 
*****

6/30/2024 3:16:27 PM