Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان فوج جو نه ڪالھھ دشمن هئس ۽ نه اڄ آهيان.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان فوج جو نه ڪالھھ دشمن هئس ۽ نه اڄ آهيان.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/22/2015
مان فوج جو نه ڪالھھ دشمن هئس ۽ نه اڄ آهيان.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فوج وارن کي چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم کي پنهنجو دشمن نه سمجهو بلڪه ايم ڪيو ايم کي پنهنجي سيني سان لڳايو.
ايم ڪيو ايم فوج سان گڏجي ڪري طالبان ۽ داعش جي خلاف جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي ۽ هر طرح جون قربانيون ڏيڻ چاهي ٿي.
هاڻي گهڻو ظلم ٿي چڪو، مان تمام جلد انهن ظلمن ۽ ناانصافين کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ لائحه عمل جو اعلان ڪرڻ وارو آهيان.
وقت جو تقاضا آهي ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن.
لانڍي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 22 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مان فوج جو نه ڪالھھ دشمن هئس ۽ نه اڄ آهيان. منهنجو فوج کي اهو ئي چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن جي تنظيم آهي، ان کي پنهنجو دشمن نه سمجهو بلڪه ان کي پنهنجي سيني سان لڳايو. ايم ڪيو ايم فوج سان گڏجي ڪري طالبان ۽ داعش جي خلاف جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي ۽ هر طرح جون قربانيون ڏيڻ چاهي ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي ڪيو. جلسي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ جلسي گاھ کان علاوه آس پاس جا روڊ رستا به عوام سان ڀريل هئا.  پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين ٻارن ۽ ٻارڙين کي مخاطب ڪندي انهن کي قيام پاڪستان کان پوءِ مختلف حڪومتن جي وقتن ۾ تعليم، نوڪرين ۽ ٻين شعبن ۾ مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين ، حق تلفين ۽ زيادتين جون تفصيلات ٻڌايون ۽ انهن کي چيو ته اوهان پنهنجي والدين کان پچو ته  مهاجرن سان ڇا ٿيو. ڪهڙي طرح جنرل ايوب خان جي زماني ۾ مهاجرن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو. ڪهڙي طرح گوهر ايوب جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ مهاجر آبادين تي حملا ٿيا. ڀٽي جي زماني ۾ لساني فساد جي نالي تي اندرون سنڌ ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو، انهن کي انهن جي وسيل گهرن مان ڪڍيو ويو. ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري وارن علائقن جي برابر آڻڻ جي نالي تي ڀٽي جي زماني ۾ ڏهن سالن جي لاءِ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو ۽ اهو اڄ تائين نافذ آهي. ان ڪوٽا سسٽم جي نالي تي سرڪاري نوڪرين جي اشتهارن ۾ صاف لفظن ۾ لکيو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جا ماڻهو نوڪرين جي لاءِ درخواستون ڏيڻ جي زحمت نه ڪن. بزرگ پنهنجن ٻارن کي اهو به ٻڌائين ته ڪهڙي طرح 14 ڊسمبر 1986 تي علي ڳڙھ ڪالوني ۽ قصبه ڪالوني تي حملا ڪري مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. ڪهڙي طرح گرين ٽائون، جلال آباد، خواجه اجمير نگري ، شاھ فيصل ڪالوني ۽ ماڊل ڪالوني ۾ مهاجر آبادين تي حملا ڪيا ويا ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون ويون. ڪهڙي طرح 30 سيپٽمبر 1988 تي حيدرآباد ۾ مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. انهن فرمايو ته جيستائين بزرگ پنهنجن ٻارن کي اهو سڀ ڪجھھ نه ٻڌائيندا ته انهن کي ڪيئن خبر پوندي ته انهن جي قوم سان ڪهڙو ڪهڙو ظلم ٿيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مهاجرن جي شاگرد تنظيم کان اڳ ڪراچي يونيورسٽي ۾  جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پنجابي اسٽوڊنٽس ايسوسي ايشن، پختون اسٽوڊنٽس فيڊريشن، بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن ۽ ٻين قومن جون شاگرد تنظيمون موجود هيون. پر جماعت اسلامي جي ذيلي تنظيم اسلامي جميعت طلبه  کي ڪنهن به تنظيم تي ڪوئي به اعتراض نه هو. پر جڏهن اسان مهاجرن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ 11 جون 1978 تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او قائم ڪئي ته هڪ قيامت اچي وئي ۽ اسلامي جميعت طلبه هڪ مخالفت جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو. 3 فيبروري  1981 تي جماعت اسلامي جميعت جي ٿنڊر اسڪواڊ جي ذريعي اسان تي حملو ڪرائي اسان کي ڪراچي يونيورسٽي ۽ ڪاليجن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ اسان تي تعليمي ادارن جا دروازا بند ڪيا ويا.  اسان علائقن ۾ اي پي ايم ايس او جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. جيڪو اڄ ايم ڪيو ايم جي شڪل ۾ موجود آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي رياستي آپريشن ڪيا ويا ۽ اسان جي بي گناه ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو. خاص طور تي 19 جون 1992 تي ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو رياستي آپريشن ڪيو ويو ان ۾ پوري ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عام مهاجرن تي جيڪي ظلم ڪيا ويا  اهي ناقابل فراموش آهن. ان آپريشن جي دوران ڪراچي ۾ لانڍي ، ڪورنگي، ملير، شاھ فيصل ڪالوني، لائينز ايريا، لياقت آباد ۽ اورنگي ٽائون جي عوام کي سڀ کان وڌيڪ ظلمن جو نشانو بڻايو ويو. گهرن تي ڇاپا هنيا ويا. هزارين نوجوانن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. ايستائين جو شهيد نوجوانن جا جنازا کڻڻ به نه ڏنا ويا ۽ امڙين ۽ ڀينرن کي شهيدن جا جنازا کڻڻا پيا. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ عوام تي هر طرح جا ظلم ڪيا ويا ته جيئن انهن کي الطاف حسين کان پري ڪري سگهجي. پر تاريخ شاهد آهي ته ڪارڪنن ۽ عوام کي الطاف حسين کان پري نه ڪري سگهيو ويو. جنهن تي مان انهن کي دل جي گهرائين سان سلام تحسين پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته 19 جون 1992 کان پهرين لانڍي ۾ ڪائي به گڙبڙ نه هئي. پر اسٽيبلشمينٽ جا ڪجھھ تعصب پرست عناصر حقيقي بڻائي ڪري انهن کي لانڍي ۾ وٺي آيا. انهن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي حملا ڪرايا ويا. گهرن کي لٽيو ويو. ڪارڪنن کي بي دردي سان شهيد ڪيو ويو. هزارين خاندانن کي انهن جي گهرن کان ڪڍيو ويو، انهن جي گهرن تي قبضا ڪيا ويا. ايترن ظلمن جي باوجود مان جنگ جي نه پر صبر جي تبليغ ڪئي. اڄ وري سرڪاري سرپرستي ۾ لانڍي، ڪورنگي ۽ ملير ۾ انهن حقيقي وارن جا جلوس ڪڍرايا وڃن ٿا. انهن پاڪ فوج کي مخاطب ڪندي فرمايو ته مان فوج جو نه ڪالھھ دشمن هئس ۽ نه اڄ آهيان. منهنجو فوج کي اهو ئي چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن جي جماعت آهي ان کي پنهنجو دشمن نه سمجهو، ايم ڪيو ايم کي سيني سان لڳايو. ايم ڪيو ايم فوج سان گڏجي ڪري طالبان ۽ داعش جي خلاف جدوجهد ڪرڻ چاهي ٿي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ وري ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪاروائي جي نالي تي ڪراچي ۾ آپريشن جاري آهي ۽ ان جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. انهن کي سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.گرفتار ٿيلن جي گهر وارن کان رشوت طلب ڪئي پئي وڃي ۽ انهن کي اهو چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن انهن اهي پيسا نه ڏنا ته ٻئي ڏينهن انهن جي لاش ملندي. جيڪي لکين روپيا ڏيئي ڇڏين ٿا ته انهن کي مقدمو بڻائي ڪري ڇڏي ڏنو وڃي ٿو ۽ جيڪو پيسا نه ٿو ڏيئي ان کي ماري ڪري اڇلايو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته ناانصافين ۽ حق تلفين سان گڏو گڏ اهو ظلم به جاري آهي. پر هاڻي گهڻو ٿي چڪو مان تمام جلد انهن ظلمن ۽ ناانصافين کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ لائحه عمل جو اعلان  ڪرڻ وارو آهيان. عوام جو اهو فيصلو آهي ته اسان گهڻيون ئي قربانيون ڏيئي ڇڏيون، وڏو ظلم سهي ورتو پر هاڻي اسان کي اهڙي صوبي ۾ نه آهي رهڻو  جتي اسان تي ان قدر ظلم ۽ اسان سان فرق ڪيو وڃي. هاڻي شهري علائقن کي پنهنجو الڳ صوبو گهرجي. انهن فرمايو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي ۽ حڪومت جو نظام بهتر هلائڻ جي لاءِ نوان نوان صوبا بڻايا ويا. پر پاڪستان ۾ اڄ تائين صرف چار صوبا آهن. انهن فرمايو ته وقت جو تقاضا آهي ته وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۾ به 20 صوبا بڻايا وڃن. اهڙي طرح سنڌ ۾ به شهري علائقن تي ٻڌل الڳ صوبو بڻايو وڃي. شهري علائقن جو اهو صوبو صرف مهاجرن جو ئي نه بلڪه هتي رهندڙ پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، هزاري وال، ڪشميرين ۽ گلگتي  بلتستانين سميت سموريون زبانون ڳالهائڻ وارين برادرين ۽ سمورن فقهن، مسلڪن ۽ تمام مذهبن جي مڃڻ وارن جو صوبو هوندو ۽ هتي سڀني جو برابر حق هوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم صرف مهاجرن جي ئي جماعت نه آهي بلڪه اها تمام زبانون ڳالهائڻ وارن جي جماعت آهي. ايم ڪيو ايم سڀني جي لاءِ برابري جا حق ۽ عزت جي زندگي چاهي ٿي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن مان چيو هو ته ڪراچي ۾ طالبان پنهنجا اڏا قائم ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي ته وزير اعلٰي قائم علي شاھ ۽ پي پي جي صوبائي وزيرن ۽ ٻين سياسي مخالفن ان کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته الطاف حسين عوام کي خوفزده ڪري رهيا آهن. جڏهن مان چيو ته ڪراچي ۾ داعش اچي وئي آهي ته ان کان به انڪار ڪيو ويو. گذريل پوين ڏينهن ۾ اتحاد ٽائون جي علائقي ۾ دهشت گردن رينجر جي چئن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان مان ثابت ٿي ويو ته ان علائقي ۾ طالبان ۽ داعش موجود آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ غلط فهمين جو خاتمو ٿي ويو هو ۽ ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت چونڊجي ڪري آئي ته اسان وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو هو. انشاء الله تعالٰي 5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي. انهن ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي چيو ته اوهان ڪامياب ٿي ڪري صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي ئي نه بلڪه سمورين زبانون ڳالهائڻ وارن جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪجو ۽ پنهنجن علائقن ۾ پاڻي، بجلي، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا مسئلا به حل ڪرائجو. جناب الطاف حسين لانڍي جي نوجوان ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته اوهان تحريڪ جي جدوجهد ۾ ايترو ظلم برداشت ڪيو پر پوءِ به ثابت قدم رهيا آهيو، مان ان تي اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ۽ ڪروڙين دعائون ڏيان ٿو. انهن شاندار جلسي جي انعقاد تي لانڍي سيڪٽر جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به شاباش پيش ڪئي.
*****

6/30/2024 3:16:05 PM