اتحاد ٽائون ۾ رينجر جي اهلڪارن تي هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 20 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي ۾ بلديه ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ رينجر جي اهلڪارن تي هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردي جي ان واقعي ۾ رينجر جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اتحاد ٽائون پابندي وڌل تنظيمن جو ڳڙھ آهي جتي ان کان اڳ به ان قسم جي دهشت گردي جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن ۽ اڄ جو واقعو به انهن ئي واقعن جي ڪڙي آهي. جناب الطاف حسين دهشت گردي جي ان واقعي ۾ رينجر جي اهلڪارن جي شهادت تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڪورڪمانڊر جنرل نويد مختيار،ڊي جي رينجر ميجر جنرل بلال اڪبر ، سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد اهلڪارن جي مغفرت فرمائي، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمي اهلڪارن کي مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. آمين.
*****