Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اندرون سنڌ کان نامزد حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام گهڻي عوامي خدمت ۽ جدوجهد جو ثمر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري.


اندرون سنڌ کان نامزد حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام گهڻي عوامي خدمت ۽ جدوجهد جو ثمر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري.
 Posted on: 11/20/2015
اندرون سنڌ کان نامزد حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام گهڻي عوامي خدمت ۽ جدوجهد جو ثمر آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري.
پي آئي بي ڪالوني، محمود آباد ۽ گلشن اقبال ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
ڪراچي: 20 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر زاهد منصوري چيو آهي ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر کان حق پرست اميدوارن جون ڪاميابيون قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي تمام گهڻي عوامي خدمت ۽ جدوجهد جو ثمر آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ پي آئي بي، محمود آباد ۽ گلشن اقبال ۾ الڳ الڳ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر ابوبڪر صديقي به موجود هئا. ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي زاهد منصوري چيو ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر کان حق پرست اميدوارن جي وڏي تعداد ۾ ڪاميابين مان واضع ٿي ويو آهي ته جناب الطاف حسين ئي عوام جا هردلعزيز قائد ۽ ايم ڪيو ايم انهن جي پسنديده جماعت آهي. انهن چيو ته هاڻي اهي نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتون جيڪي ايم ڪيو ايم جي عوامي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿيون ڪن انهن جو مداري پن ۽ سياسي دڪانداري 5 ڊسمبر تي بند ٿي ويندي ۽ عوامي ووٽ انهن جماعتن جي اصليت کي هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ڪري ڇڏيندو. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 5 ڊسمبر تي وڏي تعداد ۾ حق پرست نمائندن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.

6/30/2024 3:14:05 PM