حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان حق پرست اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي محبان پاڪستان جي طرفان دلي مبارڪباد پيش.
دبئي: 20 نومبر 2015
محبان پاڪستان اوورسيز حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي تي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص شهر جي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن هڪ اهم قدم آهي.پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري آپريشن، ڇاپن، گرفتارين، ماورائي عدالت قتلن ۽ ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ جي واقعن جي باوجود حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي هڪ وڏي فتح آهي ۽ ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته ايم ڪيو ايم اڄ به عوام جي مقبول ترين جماعت آهي ۽ ان جي خلاف سازشون ڪرڻ وارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪامي جو منھھ ڏسڻو پيو آهي.انهن حيدرآباد ۽ ميرپورخاص کان ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي مبارڪباد به پيش ڪئي.
*****