بلديه ٽائون ۾ رينجر جي موبائيل تي فائرنگ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 20 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي بلديه ٽائون ۾ هٿياربند دهشت گردن جي طرفان رينجر جي موبائيل تي فائرنگ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 رينجر اهلڪارن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته دهشت گردن جي طرفان رينجر جي موبائيل تي حملو کليل دهشت گردي ۽ بزدلانه ڪاروائي آهي ۽ ان ۾ ملوث وحشي دهشت گرد سخت ترين سزا جي لائق آهن.رابطا ڪميٽي هلاڪ ٿيندڙ رينجر اهلڪارن جي سوگوار پونئرن ، ڊي جي رينجر ۽ ٻين اهلڪارن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ رينجر اهلڪارن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
*****