Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مير پورخاص جي عوام ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مير پورخاص جي عوام ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/20/2015
مير پورخاص جي عوام ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اليڪشن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيندا.
ميرپورخاص ۾ ڪارڪنن ۽ عوام کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 20 نومبر 2015 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ميرپورخاص جي عوام ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي ۽ انشاء الله تعالٰي هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اليڪشن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو هميشه هميشه جي لاءِ خاتمو ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپور خاص زون ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن جي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ جي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي ٽيلفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي، ايس ٽي سي، حق پرست اسيمبلي ميمبر، ميرپورخاص زونل ڪميٽي ۽ نوان چونڊيل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلر به موجود هئا.  جناب الطاف حسين حق پرستن جي بي مثال ڪاميابي تي ميرپورخاص جي عوام ۽ ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته اوهان تحريڪ جي حق پرستانه فڪر و فلسفي جي فروغ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. بک ۽ اڃ جي سختي کي برداشت ڪيو ۽ لڳاتار محنت سان ڪم ڪري  تحريڪ کي ڪاميابي ڏياري. جتي اها خوشي جي ڳالھھ آهي ته اتي اها ڳالھھ افسوسناڪ به آهي ته جن ماڻهن کي تحريڪ عزت ڏني ،فائدا ڏنا ۽ گهر جي چوڪيداري جي ذميواري انهن کي سونپي. انهن ئي گهر کي کاٽ هڻڻ شروع ڪري ڏنو. ان عمل کي احسان فراموشي ۽ ڌوڪي بازي کان سواءِ ٻيو ڪهڙو نالو ڏيئي سگهجي ٿو.جناب الطاف حسين ڪجھھ ٽي وي چينلن، اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن جي تعصب واري رويي تي ڇتي تنقيد ڪندي فرمايو ته انهن تعصب پرست عناصرن کي ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي هضم نه ٿي رهي آهي ۽ انهن جي طرفان ميڊيا تي ايم ڪيو ايم جي تاريخي ڪاميابي جو ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف تعصب وارو رويو ختم نه ڪيو ويو ته سنڌ جا شهري عوام پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي تعصب وارن ٽي وي چينلن جي بائيڪاٽ جو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪري سگهن ٿا. جناب الطاف حسين فرمايو ته ميرپورخاص جي حق پرست بزرگن، امڙين، ڀينرن، ۽ نوجوانن ايم ڪيو ايم ۽ الطاف حسين سان پنهنجي محبت جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني اليڪشن ۾ ميرپورخاص جي عوام ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ڏياري ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ميرپورخاص به الطاف حسين جو شهر آهي ۽ سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته  ميرپورخاص جو عوام به صرف الطاف حسين جي نالي تي جمع ٿئي ٿو. انهن فرمايو ته مون کي اهي لفظ نه ملي رهيا آهن جن سان مان ميرپورخاص زون، سيڪٽرن ۽ يونٽن جي ذميوارن، ڪارڪنن، شهر جي سنڌين ، بلوچن، پختونن، هزاري وال، گلگتي  ۽ غير مسلم همدردن جو شڪريو ادا ڪري سگهان پر مان دل جي گهرائي سان چوان ٿو ته ميرپورخاص جي عوام سان مان پيار ڪريان ٿو. انهن فرمايو ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن مان به ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. انشاء الله تعالٰي هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اليڪشن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ فرسوده ۽ جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ٿيندو. جناب الطاف حسين نون چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي هدايت ڪئي ته اهي ميرٽ ۽ انصاف جي بنياد تي عوام جا مسئلا حل ڪن، بغير ڪنهن فرق جي سڀني جي خدمت ڪن۽ پاڻ کي ڪارڪنن ۽ عوام جو آقا نه بلڪه خادم سمجهن.
*****

6/30/2024 3:21:54 PM