Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ان جي سچي نظريي جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ان جي سچي نظريي جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/20/2015
حيدرآباد ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ان جي سچي نظريي جي فتح آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پنهنجي نظريي ۽ مشن و مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ اسان کي فرسوده جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو ڪرڻو آهي.
لڳاتار ناانصافين جي ڪري عوام ۾ اها سوچ پيدا ٿي رهي آهي ته اسان کي پنهنجي لاءِ الڳ صوبو گهرجي.
حيدرآباد, مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي جي خوشي ۾ زونل آفيس تي گڏ ٿيل ڪارڪنن ۽ عوام کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 20 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندن جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ايم ڪيو  ايم جي سچي نظريي جي فتح آهي ۽ پنهنجي نظريي ۽ مشن و مقصد جي ڪاميابي جي لاءِ اسان کي فرسوده، جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام کي ختم ڪرڻو آهي، ڪرپشن ۽ رشوت کي ختم ڪرڻو آهي ۽ محنت ۽ ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. اها ڳالھھ انهن حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي جي خوشي ۾ زونل آفيس ۾ جمع ٿيندڙڪارڪنن ۽ عوام کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته تمام تر مشڪلاتن، زهريلن پروفيگنڊن ۽ سازشن جي باوجود  حيدرآباد جي عوام ايم ڪيو ايم کي جنهن شاندار فتح سان همڪنار ڪيو آهي ان تي مون وٽ عوام جو شڪريو ادا ڪرڻ جي لاءِ لفظ نه آهن،انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ حيدرآباد جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ حاليه اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جي لاءِ به حيدرآباد جي ڪارڪنن، ذميوارن، نوجوانن ۽ بزرگن وڏو ڪم ڪيو آهي. پر ان ڪاميابي ۾ امڙين ۽ ڀينرن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان تي انهن کي جيترو به سلام تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حيدرآباد جي ڪارڪنن ۽ همدرد عوام کي پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان جيڪا محبت آهي ان جي ڪائي به مثال نه ٿي ملي. انهن اعلان ڪيو ته حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي جي خوشي ۾ سڄي شهر ۾ جشن ملهايو وڃي. انهن حيدرآباد زون جي ذميوارن کي هدايت فرمائي ته اهي ان جشن جي خوشي ۾ امڙين ۽ ڀينرن جي لاءِ مهندي لڳائڻ ۽ انهن ۾ چوڙيون ورهائڻ جو انتظام ڪن، عشائيي جو به اهتمام ڪن ۽ نوجوانن جي لاءِ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ميچ جو به انعقاد ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم تمام تر ظلمن ، سازشن ۽ پروفيگنڊن جي باوجود اليڪشن ۾ بار بار ڪاميابي حاصل ڪندي رهي آهي. پر ميڊيا جا اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي تسليم ڪرڻ ته ٺهيو ان  جو ذڪر به نه ٿا ڪن. بلڪه ان تي بهتان هڻڻ ٿا ۽ طرح طرح جا الزام لڳائن ٿا. جناب الطاف حسين ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي تاڪيد ڪئي ته اهي نئين نسل کي مهاجرن سان پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ ئي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين کان آگاھ ڪن ۽ ٻڌائين ته ڪهڙي طرح ڪوٽا سسٽم جي نالي تي انهن سان ناانصافيون ڪيون ويون ۽ اڄ تائين ڪيون پيون وڃن. انهن فرمايو ته انهن لڳاتار ناانصافين جي ڪري عوام ۾ اها سوچ پيدا ٿي رهي آهي ته اسان کي ڪوٽا سسٽم جو خاتمو نه بلڪه پنهنجي لاءِ الڳ صوبو گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته پرامن طريقي سان عو ام جي الڳ صوبي جي مطالبي کي تسليم 
ڪيو وڃي. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽سنڌ جي ٻين شهري علائقن سان وڏيون ناانصافيون ڪيون ويون. هاڻي شهري علائقن جي عوام کي انهن جا جائز حق ڏيڻا پوندا ۽ عوام کي ان ڳالھھ تي مجبور نه ڪيو وڃي ته اهي پنهنجن حقن جي لاءِ ميدان ۾ نڪري پون. جناب الطاف حسين اليڪشن ۾ چونڊيل نون چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اسان کي پنهنجين ذميوارن جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جي جيترو به ممڪن ٿي سگهي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ گهرجي. انهن واضع لفظن ۾ فرمايو ته جيڪي عوامي نمائندا عوام جي خدمت نه ڪندا، ڪرپشن ۽ گڙبڙ ڪندا ته ڪوئي به وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ انهن کان استعيفٰي ورتي ويندي. انهن فرمايو ته مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارڪنن وانگر ڏينهن رات ڪم ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي، حيدرآباد  زونل ڪميٽي ، سيڪٽرن ۽ يونٽ ڪميٽين جي ڪارڪنن، حق پرست اسيمبلي ميمبرن، اليڪشن سيل ۽ سمورن شعبن جي ميمبرن کي به زبردست شاباش ۽ خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****


6/30/2024 3:18:41 PM