Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيڻ جون سازشون عوام پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.


مڪاني  اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيڻ جون سازشون عوام پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.
 Posted on: 11/19/2015
مڪاني  اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي شڪست ڏيڻ جون سازشون عوام پنهنجي اتحاد سان ناڪام بڻائي ڇڏيندا.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.
اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ گلشن معمار ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ڪراچي: 19 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده چيو آهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي لاءِ بغير ڪنهن فرق جي عملي جدوجهد سان ئي ملڪ ۾ مثبت تبديلي ايندي.انهن خيالن جو اظهار انهن گلشن معمار ۾ جلسي ۽ گلشن اقبال ۾ ضلعي ڪميٽي جي اجلاس جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري به موجود هئا. ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده خطاب ڪندي چيو ته سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي جائز حقن جي جدوجهد کي روڪڻ جي لاءِ فرسوده جاگيرداراڻه ، وڏيراڻه ۽ سرمائيداراڻه نظام جا حامي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي رستي ۾ انهي جي ڪري رنڊڪون وجهن ٿا ته جيئن انهن جي چوڌراهٽ کي ڪوئي به خطرو نه ٿئي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حق پرستي جي راھ ۾ بي شمار تڪليفون ۽ مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن پر نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي ليڊرن وانگر ڪڏهن به عوامي مفادن جو سودو نه ڪيو آهي ۽ پنهنجن چونڊيل نمائندن کي به هميشه عوام جي خدمت جو ئي درس ڏنو آهي.انهن حق پرست عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري حق پرست نمائندن کي ڪامياب ڪرائين. 
*****

6/30/2024 3:21:53 PM