Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ وڌندڙ احساس محرومي تي توجه ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ وڌندڙ احساس محرومي تي توجه ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 11/18/2015
اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ وڌندڙ احساس محرومي تي توجه ڏي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
عوام کي انهن جا حق ڏيڻ جي لاءِ شهري علائقن تي ٻڌل الڳ صوبو بڻايو وڃي
اسان جي ابن ڏاڏن قيام پاڪستان جي لاءِ لکين جانين جو نذرانو پيش ڪيو پر اسان کي نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
70 سالن کان اسان پنهنجن حقن جي لاءِ ڪوٽا جي خيرات گهري رهيا آهيون
ٽنڊو الهيار جي زونل آفيس ۾ ذميوارن سان ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 18 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته اها سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ وڌندڙ احساس محرومي ڏانهن توجه ڏي ۽ عوام کي انهن جو حق ڏيڻ جي لاءِ شهري علائقن تي ٻڌل الڳ صوبو بڻايو وڃي. اها ڳالھھ انهن اڱاري جي رات ٽنڊو الهيار جي زونل آفيس ۾ ذميوارن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي فرمائي. انهن فرمايو ته پاڪستان اسان جي بزرگن بڻايو، اسان جي ابن ڏاڏن قيام پاڪستان جي لاءِ لکين جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پر بانيان پاڪستان جي اولادن کي ئي پاڪستان ۾ نفرت ۽ تعصب جو نشانو بڻايو پيو وڃي. 70 سالن کان اسان پنهنجن حقن جي لاءِ ڪوٽا جي خيرات گهري رهيا آهيون ۽ اهي فريادون ڪري رهيا آهيون ته اسان به سنڌ جا واسي آهيون. اسان کي به برابر جو شهري سمجهو پر اسان جي فريادن تي ڪن نه ڌريو ويو. انهن فرمايو ته جيڪڏهن  اسان سان اهو نفرت ۽ تعصب جو رويو نه بدليو ويو ۽ برابري جي بنياد تي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ اسان به ميدان ۾ نڪرنداسين. پوءِ معاملو 40/60  سيڪڙي جو نه بلڪه 50/50 سيڪڙي تي طئي ٿيندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪيترائي سال اڳ ٻڌائي ڇڏيو هو ته ڪراچي ۾ طالبانائزيشن ٿي رهي آهي ته وزير اعلٰي سنڌ ان کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته الطاف حسين قوم کي گمراھ ڪري رهيو آهي. مان چيو ته القائده ڪراچي ۾ اڏا قائم ڪري رهي آهي. ته چيو ويو ته ان جو به ڪوئي وجود نه آهي. جڏهن مان چيو ته پاڪستان ۾ داعش اچي وئي آهي ته سيڪريٽري خارجه بيان ڏنو ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪوئي به وجود نه آهي. جڏهن ته صفورا سانحي ۾ ملوث جيڪي دهشت گرد پڪڙيا ويا آهن انهن جو تعلق به داعش سان سامهون آيو آهي. اهي ماڻهو قوم کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندا آيا آهن ۽ اڄ به ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪراچي ۾ ڪيترا ئي اهڙا علائقا آهن. جتي طالبان ۽ ٻين پابندي وڌل تنظيمن پنهنجا اڏا قائم ڪري ورتا آهن. جتي پوليس ۽ رينجر داخل ٿي نه ٿي سگهي.  جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان تي ڀلي ڪيترائي ظلم ڪيا وڃن پر اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون، اسان يزيديت جا مخالف ۽ حسينيت جا پيروڪار آهيون.جناب الطاف حسين ٽنڊو الهيار جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت ڪرڻ تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته دنيا ۾ پيار ۽ محبت جي اهڙي مثال ڏسڻ ۾ نه ٿي ملي ته ڪوئي اڳواڻ 25 سالن کان پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن کان پري هجي ۽ اهي ماڻهو جن 25 سالن کان مون کي ڏٺو به نه آهي ۽ اهي ماڻهو  جن اڄ تائين مون کي نه ڏٺو آهي اهي مون سان جنهن قدم محبت ڪن ٿا اها بي مثال آهي. جيڪو پيار ٽنڊو الهيار جا ڪارڪن پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين سان ڪن ٿا ان کي ڏسي ڪري چنڊ به شرمائي ٿو ۽ جڏهن ستارا ان محبت کي ڏسن ٿا ته چون ٿا ته اها محبت انهن ستارن جي تعداد کان به وڌيڪ آهي. جناب الطاف حسين تمام تر ڏکين حالتن جي باوجود سخت محنت سان ڪم ڪرڻ تي ٽنڊو الهيار زون جي ڪارڪنن، ذميوارن، امڙين،  ڀينرن ۽ بزرگن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

6/30/2024 3:24:10 PM