Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ريفرنڊم ۾ ڪاميابي پهريون مرحلو آهي مڪاني اليڪشن ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين.ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان.


ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ريفرنڊم ۾ ڪاميابي پهريون مرحلو آهي مڪاني اليڪشن ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين.ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان.
 Posted on: 11/17/2015
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ريفرنڊم ۾ ڪاميابي پهريون مرحلو آهي مڪاني اليڪشن ۾ اڃان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين.ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان.
ڪراچي واٽر بورڊ جي ريفرنڊم ۾ متحده ورڪرز فرنٽ جي واضع  ڪاميابي کان پوءِ نائن زيرو تي جمع ٿيندڙ ڪارڪنن کي خطاب.
ڪراچي: 17 نومبر 2015 
                    واٽر بورڊ ۾ ڀرپور ڪاميابي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي جي ڪري ئي حاصل ٿي آهي. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي سيينيئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان  واٽر بورڊ ۾ 17 سالن پوءِ ريفرنڊم جي نتيجي ۾ متحده قومي موومينٽ جي يونين متحده ورڪرز فرنٽ جي ڀرپور ڪاميابي کان پوءِ نائن زيرو تي جمع ٿيندڙ متحده ورڪرز  فرنٽ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. جيڪي ڪاميابي جي خوشي ۾ نائن زيرو تي گڏ ٿيا هئا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق، عادل خان، محترمه زرين مجيد، ليبر ڊويزن انچارج اسد ڪاظمي ۽ ٻيا به موجود هئا.عامر خان خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ٽن سالن کان جاري ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران ڇاپن، گرفتارين  ۽ ماورائي عدالت قتلن سميت ٻين ناانصافين جي باوجود اسان جناب الطاف حسين جي نظريي کي مشعل راھ بڻائي ڪري ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ الله تعالٰي اسان کي شاندار فتح نصيب ڪئي.انهن چيو ته واٽر بورڊ ۾ ڪاميابي ته اسان جي فتح جو پهريون مرحلو آهي انشاء الله تعالٰي مڪاني اليڪشن ۾ اسان وڏي ڪاميابي حاصل ڪري جناب الطاف حسين کي تحفو ڏينداسين. انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان واٽر بورڊ جي ملازمن کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي به خطاب ڪيو. 
                 واضع رهي ته ڪراچي واٽر بورڊ ۾ 17 سالن کان پوءِ ريفرنڊم ٿيو  جنهن ۾ 9 يونين حصو ورتو. ريفرنڊم ۾ متحده قومي موومينٽ جي يونين متحده ورڪرز فرنٽ ڪل 7124  ووٽ وٺي ڪري واضع ڪاميابي حاصل ڪئي. 
*****

7/18/2024 6:39:40 AM