حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن جا نتيجا صرف ۽ صرف حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي تي ٻڌل هوندا. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
حيدرآباد ۾ مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
حيدرآباد: 18 نومبر 2015
حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن جي نتيجا صرف ۽ صرف حق پرست اميدوارن جي ڪاميابي تي ٻڌل هوندا. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني حيدرآباد ۾ مختلف يونين ڪائونسلن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر راشد خلجي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻيا به موجود هئا. شبير احمد قائم خاني چيو ته اليڪشن جي موسم ۾ برساتي ليڊر عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجن ٻرن مان ٻاهر نڪري اچن ٿا. پر حق پرست عوام انهن جي چهرن کان چڱي نموني واقف آهن. انهن حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي ۽ انهن هميشه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نمائندن کي ئي ڪامياب ڪرايو آهي. ڪارنر ميٽنگ کي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين حق پرستن جي اتحاد جي علامت آهن. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي هق پرستن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين.ڪارنر ميٽنگ کي ٻين به خطاب ڪيو.
*****