حيدرآباد شهر ۾ مڪاني اليڪشن کان پهرين ئي حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي جي ڪاميابي جناب الطاف حسين جي نظريي جي فتح آهي. فيصل سبز واري.
حيدرآباد ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ڳالھھ ٻولھھ .
حيدرآباد: 18 نومبر 2015
حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن کان پهرين ئي حق پرست اميدوارن جي بنا مقابلي جي ڪاميابي جناب الطاف حسين جي نظريي جي فتح آهي. انهن خيالن جو اظهار حق پرست اسيمبلي ميمبر فيصل سبز واري حيدرآباد ۾ يونين ڪائونسل نمبر 94 ۾ ڪوهسار هائوسنگ سوسائٽي جي عهديدارن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر زبير احمد خان ۽ ٻيا به موجود هئا. فيصل سبز واري چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کان خوفزده باطل قوتون مڪاني اليڪشن ۾ 10 جماعتي اتحاد بڻايو آهي جيڪو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته باطل قوتون قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ انهن جي ڪارڪنن جو گڏجي ڪري به مقابلو ڪري نه ٿيون سگهن. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا نامزد اميدوار 19 نومبر تي تاريخي فتح حاصل ڪندا ۽ حيدرآباد کان مفاد پرستن جو خاتمو ڪري ڇڏيندا.
*****