Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد جي عوام 19 نومبر کان پهرين ئي حق پرست نمائندن کي بنا مقابلي جي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.


حيدرآباد جي عوام 19 نومبر کان پهرين ئي حق پرست نمائندن کي بنا مقابلي جي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 11/17/2015
حيدرآباد جي عوام 19 نومبر کان پهرين ئي حق پرست نمائندن کي بنا مقابلي جي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
حيدرآباد سيڪٽر سي جي يونين ڪائونسل نمبر 12 ۽ سيڪٽر اي ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
حيدرآباد: 17 نومبر 2015 
                  حيدرآباد جي عوام 19 نومبر کان پهرين ئي حق پرست نمائندن کي بنا مقابلي جي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن خيالن جو اظهار رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ سيڪٽر سي جي يونين ڪائونسل نمبر 12 ۽ سيڪٽر اي ۾ ٿيندڙ ڪارنر ميٽنگن خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حق پرست اسيمبلي ميمبر فيصل سبز واري، دلاور قريشي، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻيا به موجود هئا.شبير احمد قائم خاني چيو ته 19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ عوام حق پرست نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪري هن شهر مان منافقن جو هميشه جي لاءِ خاتمو ڪري ڇڏيندا. انهن چيو ته حيدرآباد تعمير اتحاد جي نالي سان بڻجڻ وارو سياسي اتحاد ذاتي مفاد پرست سياستدانن جو ٽولو آهي جيڪو صرف ۽ صرف پنهنجن مفادن جي لاءِ گڏ ٿيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي فيصل سبز واري چيو ته حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو شهر آهي ۽ هن شهر جي عوام اليڪشن کان اڳ ئي حق پرست اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي پنهنجو فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن عوام کي مخاطب ڪندي چيو ته حيدرآباد ۾ مفاد پرست ٽولي 10 جماعتي اتحاد جي نالي سان باطل اتحاد ٺاهيو آهي، جيڪو صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيو آهي، بس صرف ان کان هوشيار رهڻو آهي. ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، دلاور قريشي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. 
*****

7/18/2024 6:26:46 AM