Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم اختيار صوبن کي منتقل ڪرايا پر بدقسمتي سان صوبائي حڪومتون اقتدار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم اختيار صوبن کي منتقل ڪرايا پر بدقسمتي سان صوبائي حڪومتون اقتدار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 11/17/2015
ايم ڪيو ايم اختيار صوبن کي منتقل ڪرايا پر بدقسمتي سان صوبائي حڪومتون اقتدار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ روايتي فتح تي ميڊيا به ان روايتي فتح جي ئي تشهير ڪئي. شبير احمد قائم خاني.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ آفندي ٽائون ۾ مختلف برادرين جي رهنمائن ۽ معززن سان ڳالھھ ٻولھھ.
حيدرآباد: 17 نومبر 2015 
                   ايم ڪيو ايم اختيار مرڪز کان صوبن کي منتقل ڪرايا پر بدقسمتي سان صوبائي حڪومتون اقتدار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيون آهن. انهن خيالن جو اظهار ايم ڪيو ايم جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار حيدرآباد ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ آفندي ٽائون ۾ مختلف برادري جي رهنمائن ۽ معززن سان ملاقات جي دوران ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي شبير احمد قائم خاني، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، اسيمبلي ميمبر راشد خلجي سميت ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته مڪاني حڪومتن جو نظام ملڪ ۽ معاشري جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. پر بدقسمتي سان اسان جا حڪمران مقامي حڪومتن کي صفائي سٿرائي تائين محدود رکڻ چاهين ٿا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه وفاق کان صوبن کي اختيار منتقل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي ئي ڪوششن سان سنڌ حڪومت کي مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ اضافي رقم به ملي پر سنڌ جي عوام کي ان جو ڪوئي به فائدو نه مليو آهي. انهن چيو ته پراپرٽي موٽر وي سيل ٽيڪس جو اختيار مقامي حڪومتن وٽ هجڻ گهرجي ته جيئن مقامي حڪومتون ملڪ ۽ معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته مڪاني اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ روايتي فتح تي ميڊيا به وڏي زور و شور سان ان روايتي فتح جي ئي تشهير ڪئي. پر حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جا 60 سيڪڙو اميدوار بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيا  ان تي ته تعصب پرست ميڊيا خاموشي اختيار ڪيون ويٺو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊو ڪرڻ وارا ايم ڪيو ايم جي عوامي طاقت کان خوف زده ٿي ويا آهن. 
*****

7/18/2024 6:36:23 AM