ڪوئيٽا ۾ جعفر ايڪسپريس جي دردناڪ حادثي ۾ 5 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 17 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪوئيٽا ۾ جعفر ايڪسپريس جي پٽڙي تان لهڻ جي واقعي ۾ 5 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن . جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي. آمين.
*****