ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان سپريم ڪورٽ جي طرفان مون گارڊن جي رهائشين جي حق ۾ فيصلي ڏيڻ جو خير مقدم.
ڪراچي: 17 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي طرفان مون گارڊن جي رهائشين جي حق ۾ فيصلي ڏيڻ جو خير مقدم ڪيو آهي ۽ مون گارڊن جي رهائشين کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته مون گارڊن جا رهائشي هائي ڪورٽ جي فيصلي جي ڪري گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پريشان هئا ۽ اهي انصاف جا به طلبگار هئا. انهن چيو ته سپريم ڪورٽ جو مون گارڊن جي رهائشين جي حق ۾ فيصلو سٺو سنوڻ آهي ۽ ان فيصلي سان انهن سک جو ساھ کنيو آهي. رابطا ڪميٽي مون گارڊن جي رهائشين جي سار سنڀال لهڻ ۽ ان معاملي کي اٿارڻ تي حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي کي به زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.
*****