Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي جدوجهد جو مقصد اقتدار جي طاقت کي عام پاڪستاني جي دروازي تائين پهچائڻ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.


متحده قومي موومينٽ جي جدوجهد جو مقصد اقتدار جي طاقت کي عام پاڪستاني جي دروازي تائين پهچائڻ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
 Posted on: 11/17/2015
متحده قومي موومينٽ جي جدوجهد جو مقصد اقتدار جي طاقت کي عام پاڪستاني جي دروازي تائين پهچائڻ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر عبدالحسيب.
ميرپورخاص ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ميرپورخاص: 17 نومبر 2015 
                  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد جو مقصد اقتدار جي طاقت کي عام پاڪستاني جي دروازي تائين پهچائڻ آهي، انهن خيالن جو اظهار انهن ميرپورخاص ۾ سيڪٽر اي جي وارڊ نمبرن 9 ۽ 11 ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ميرپورخاص زونل انچارج مجيب الحق ۽ ٻيا به موجود هئا. عبدالحسيب چيو ته قيام پاڪستان کان وٺي ڪري اڄ تائين ٻه سيڪڙو مراعات يافته طبقي لٽ مار جو  بازار گرم ڪري رکيو آهي ۽ انهن وطن جي سمورن ادارن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي قومي اثاثن کي به وڪڻي رهيا آهن ۽ غير ملڪي قرضن جي نالي تي هر پاڪستاني شهري تي قرض جو پهاڙ رکي ڇڏيو آهي. انهن چيو  ته اهي لٽ مار ڪندڙ عناصر پاڪستانين کي ڪڏهن مذهب جي نالي تي، ڪڏهن لسانيت جي نالي تي ته ڪڏهن فرقي واريت جي نالي تي ويڙهائڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن.انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي حق پرست نمائندن کي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو. 
*****


7/18/2024 6:28:57 AM