Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جون سڀئي سازشون 5 ڊسمبر تي ختم ٿي وينديون. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.


ايم ڪيو ايم جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جون سڀئي سازشون 5 ڊسمبر تي ختم ٿي وينديون. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.
 Posted on: 11/17/2015
ايم ڪيو ايم جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جون سڀئي سازشون 5 ڊسمبر تي ختم ٿي وينديون. رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ شاھ فيصل ڪالوني ۾ بزرگ ڪارڪنن ۽ گلستان جوهر ۾ ريزيڊنس ڪميٽي جي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب.
ڪراچي: 17 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محترمه زرين مجيد ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ئي هن شهر جي واحد نمائنده جماعت آهي ۽ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جون سڀئي سازشون 5 ڊسمبر تي ناڪام ٿي وينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن مڪاني اليڪشن  جي سلسلي ۾ شاھ فيصل ڪالوني ۾ بزرگ ڪارڪنن ۽ گلستان جوهر ۾ ريزيڊنس ڪميٽي جي ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انهن ايم ڪيو ايم اليڪشن آفيسن جا دورا به ڪيا. ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي انهن چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي مخالفن اتحاد بڻائي ورتو آهي ۽ اهو اتحاد انهن جماعتن تي ٻڌل آهي جيڪي 
ڏوهارين، دهشت گردن ۽ انتها پسندن جون حمايت ڪنديون آيون آهن ۽ پنهنجن گهرن کي انهن جي لاءِ پناھ گاهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته ڪراچي جا عوام باشعور آهن ۽  نام نهاد سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا هڪ ته ڇا  ڏھ اتحاد به ايم ڪيو ايم جي مقابلي ۾ اچي وڃن پر ڪراچي جا عوام ماضي وانگر هن ڀيري به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ئي ووٽ ڏيندا. انهن چيو ته هر اچڻ وارو ڏينهن  ايم ڪيو ايم جي خلاف نئين نئين سازشن سان ڀريل آهي پر اهي سازشون عوام کي گمراھ ڪري نه ٿيون سگهن. ان کان علاوه انهن مارڪيٽن ۾ وڃي ڪري دڪاندارن سان ملاقاتون به ڪيون ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي . ان موقعي تي دڪاندارن انهن کي پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي. 
*****

7/18/2024 6:41:13 AM