Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون جمهوري قدرن جي خلاف آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون جمهوري قدرن جي خلاف آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 11/16/2015
ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون گرفتاريون جمهوري قدرن جي خلاف آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي: 16 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين سان شهر ۾ مستقل ۽ پائيدار امن ٿي نه ٿو سگهي. ايم ڪيو ايم هڪ پرامن سياسي جماعت آهي جيڪا سمورن ادارن جو احترام ڪري ٿي. پر اسان جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري اسان جي جمهوري جدوجهد کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن شڪيل احمد قريشي، پنجابي سرائيڪي آرگنائيزنگ ڪميٽي جي يونٽ انچارج ارشاد علي، ڪارڪن جاويد ۽ سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 65 جي ڪارڪن احسان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ڪراچي شڪايات ازاله ڪميٽي جي عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي بي ڏوهي ڪارڪنن جي گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ته جيئن امن و امان جي قيام جي ڪوششن کي مثبت طريقي سان اڳتي وڌائي سگهجي. 

7/18/2024 6:35:31 AM