Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي يقيني آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري


5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي يقيني آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر  زاهد منصوري
 Posted on: 11/16/2015
5 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي يقيني آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر  زاهد منصوري
مڪاني اليڪشن ۾ مخالفن کي شڪست ڏيئي ڪري اسان کي پنهنجو حق وٺڻو آهي. فيصل سبز واري
 اسڪيم 33 ۾ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب
ڪراچي: 16 نومبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر زاهد منصوري چيو آهي ته مڪاني اليڪشن ۾ حق پرستن جي ڪاميابي يقيني آهي. انهن خيالن جو  اظهار انهن مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ اسڪيم 33 ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي اي سي ميمبر فيصل سبز واري، ابوبڪر صديقي، مزمل قريشي،محترمه ڪشور زهرٰي ۽ ٻيا به موجود هئا. زاهد منصوري چيو ته ايم ڪيو ايم جون مخالف جماعتون  ايم ڪيو ايم جي مقبوليت کان سخت خوف زده آهن ۽ اها ئي وجه آهي ته ڳائڻ وڄائڻ واريون  ۽ مذهب جو نعرو لڳائڻ واريون جماعتون هڪ ٿي ڪري ايم ڪيو ايم جي سامهون آيون آهن. انهن چيو ته هاڻي عوام جي ذميواري آهي ته اهي انهن باطل قوتن کي عبرتناڪ شڪست ڏين. جلسي کي خطاب ڪندي ابوبڪر صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم جو ڏوھ اهو آهي ته اها غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ شهر کي ترقي ڏيارڻ چاهي ٿي ۽ صوبي کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي فيصل سبز واري چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ اسان کي پنهنجو حق وٺڻو آهي.  انهن چيو ته اها ڳالھھ تمام سٺي آهي جو 10 سالن کان پوءِ مڪاني اليڪشن ٿي رهيا آهن ۽ اسان کي پنهنجين گهٽين ۽ پاڙن مان حق پرست نمائندا چونڊڻا آهن. ان موقعي تي مزمل قريشي خطاب ڪندي چيو ته عوام وڌ کان وڌ تعداد ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب ڪرائين. 

7/18/2024 6:24:24 AM