Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نواب شاھ وارڊ نمبر 27 ۾ حق پرست اميدوار عبدالحميد راٺوڙ جي ڀيڻويي جي قاتلانه حملي ۾ شهيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار


نواب شاھ وارڊ نمبر 27 ۾ حق پرست اميدوار عبدالحميد راٺوڙ جي ڀيڻويي جي قاتلانه حملي ۾ شهيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار
 Posted on: 11/16/2015
نواب شاھ وارڊ نمبر 27 ۾ حق پرست اميدوار عبدالحميد راٺوڙ جي ڀيڻويي جي قاتلانه حملي ۾ شهيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار
ڪراچي: 16 نومبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نواب شاھ وارڊ نمبر 27 ۾ حق پرست اميدوار عبدالحميد راٺوڙ جي ڀيڻويي محمد شريف جي قاتلاڻه حملي ۾ هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته نواب شاھ ۾ مڪاني اميدوار جي عزيز تي قاتلانه حملي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم مخالف مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. خيرپور ۾ به 15 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ مڪاني اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ به طاقت جي استعمال جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جي مثال حق پرست اميدوار جو وحشياڻو قتل آهي. انهن چيو ته ان قسم جي هٿڪنڊن سان نواب شاھ سميت سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن ۽ نامزد حق پرست اميدوارن جي حوصلن کي ڪمزور ڪري نه ٿو سگهجي. رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي.انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي دوران امن و امان جي قيام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪم جاري ڪن ۽ سياسي مخالفن کي طاقت جي زور تي دٻائڻ جي واقعن جو نوٽس وٺي ڪري محمد شريف جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جا حڪم به جاري ڪن . 


7/18/2024 6:20:56 AM