Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ويزن هڪ انقلابي ويزن آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ويزن هڪ انقلابي ويزن آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 11/16/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ويزن هڪ انقلابي ويزن آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
سڄي دنيا ۾ ترقي جي پويان هڪ اصول هوندو آهي ته سوچ عالمي هجڻ گهرجي ۽ عمل مقامي هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر فاروق ستار
حق پرست اميدوارن جي ڪارنر ميٽنگن ۾ عوام جو سمنڊ ان ڳالھھ جو واضع ثبوت آهي ته فتح حق پرستن جو مقدر بڻجي چڪي آهي. شبير احمد قائم خاني
حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن سان ملاقات ۽ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب
حيدرآباد: 16 نومبر 2015
   متحده قومي موومينٽ جي پارليماني ليڊر ڊاڪٽر فاروق ستار ، رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني،حق پرست اسيمبلي ميمبرن وسيم حسين، راشد خلجي، زبير احمد خان ۽ ٻين حيدرآباد ۾ حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جو دورو ڪيو ۽ چيمبر جي صدر سيٺ گوهر الله ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ويزن هڪ انقلابي ويزن آهي. انهن فرمايو ته دنيا ۾ ترقي جي پويان هڪ اصول هوندو آهي ته سوچ عالمي هجڻ گهرجي ۽ عمل مقامي هجڻ گهرجي. انهن چيو ته ارڙهين ترميم جي تحت صوبن کي بي انتها اختيار مليا ۽ صوبائي حڪومتن مقامي حڪومتن جا اختيار به ڇني ورتا جنهن جي ڪري صوبائي حڪومتون اختيارن جو توازن برقرار نه رکي سگهي رهيون آهن.انهن وڌيڪ چيو ته  جيڪڏهن صوبائي حڪومتن مقامي حڪومتن کي اختيار نه ڏنا ته پوءِ صوبائي حڪومتون به نه هلي سگهنديون. انهن چيو  ته اسان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ويزن جي مطابق حيدرآباد کي ترقي يافته ۽ خوشحال بڻائن چاهيون ٿا. انهن چيو ته اختيارن جي غلط استعمال سان حيدرآباد جون صنعتون ٻين شهرن ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي حيدرآباد چيمبر جي صدر سيٺ گوهر الله ايم ڪيو ايم جي وفد کي چيمبر جي طرفان اجرڪن جو تحفو به پيش ڪيو ۽ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري به ڪرائي. 
               ان کان علاوه ڊاڪٽر فاروق ستار حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي چيو ته مخالف حيدرآباد ۾ ڏھ جماعتي اتحاد بڻائي ڪري حيدرآباد کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کان ڇڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهو  ناممڪن آهي. ڪارنر ميٽگن کي شبير احمد قائم خاني، حيدرعباس رضوي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. 




7/18/2024 6:42:16 AM