Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پيرس ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جا اهي واقعا انتهائي دردناڪ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پيرس ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جا اهي واقعا انتهائي دردناڪ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/14/2015
پيرس ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جا اهي واقعا انتهائي دردناڪ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان قسم جي منفي واقعن جا اولھھ وارن ملڪن ۾ انتهائي منفي اثر پئجي رهيا آهن.
اڄ مذهبي انتها پسندن جوخطرو خطرناڪ ٿي ويو آهي ۽ اهو ڏکيو وقت صرف اسان تي نه بلڪه پوري دنيا تي اچي ويو آهي.
حيدرآباد ۾ واپارين، صنعتڪارن، دڪاندارن، ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن ۽ شهر جي ٻين معززن جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 14 نومبر 2015 
                  متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پيرس ۾ ٿيندڙ دهشت گردي جا اهي واقعا انتهائي دردناڪ آهن جن ۾ 100 کان وڌيڪ بي گناھ ماڻهو هلاڪ ٿيا آهن. ان قسم جي واقعن جا اولھھ وارن ملڪن تي انتهائي منفي اثر پئجي رهيا آهن. جيڪڏهن يوگنڊا ۽ ڪينيا وانگر انهن اولھھ وارن ملڪن کان مسلمانن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ انهن خيالن جو اظهار انهن حيدرآباد ۾ واپارين، صنعتڪارن،دڪاندارن، ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن ۽ شهر جي ٻين معززن جي هڪ اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين  فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ عوامي جماعت آهي جيڪا چونڊيل ايوانن سميت هر سطح تي عوام جي بنيادي مسئلن سان گڏو گڏ حيدرآباد جي واپارين، صنعتڪارن ۽ ننڍن دڪاندارن جي مسئلن جي لاءِ به آواز بلند ڪندي رهي آهي. انهن شرڪاء کان سوال ڪيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ شروعاتي ڏينهن ۾ اوهان مسجدن، امام بارگاهن، مزارن، اسڪولن ۽ بازارن ۾ بم ڌماڪن جا واقعا ٻڌا هئا؟ جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته بلڪل به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته انهن خودڪش حملن ۽ بم ڌماڪن جي شروعات افغانستان ۾ روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ کان پوءِ ٿي. روس ۽ آمريڪا جي جنگ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص يا سنڌ جي شهري علائقن جي ماڻهن نه ڪرائي هئي. پر ان جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ديني مدرسن جو ڄار وڇايو ويو، جتي ٻارن کي رهائش جي سهولت به ميسر آهي.جڏهن ته ان کان اڳ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ مدرسا نه هئا.  جناب الطاف حسين فرمايو ته اڪيلو اوهان جو ڀاءُ الطاف حسين آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۽ سنڌ ۾ طالبانائزيشن کان عوام کي آگاھ ڪندو رهيو آهي. القائده جي خطري کان آگاھ ڪندو رهيو. پر وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، انهن جي وزيرن ۽ پي پي جي رهنمائن نه صرف منهنجو مذاق اڏايو بلڪه منهنجي ڳالھھ جو انڪار ڪندي چيو ته الطاف حسين غلط چئي رهيو آهي ۽ الطاف حسين اجايو عوام ۾ خوف ڦيلائي رهيو آهي. انهن فرمايو ته مان قوم کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو ته انتها پسند ويڙهاڪ ڪراچي ۽ سنڌ ۾ گڏ ٿي رهيا آهن ۽ خدانخواسته اهي گڏ ٿي ڪري چئني طرفن کان حملو ڪري نه صرف گهرن تي قبضو ڪندا، لٽ مار ڪندا بلڪه اسان جي ڀينرن ۽ نياڻين کي به کڻي ويندا. ان کان پوءِ عراق ۽ شام ۾ حڪومت ۽ ٻين عرب ملڪن جي خلاف اچانڪ هڪ تنظيم سامهون اچي وئي جيڪا انتهائي خطرناڪ آهي. جڏهن مان قوم کي آگاھ ڪيو ته پاڪستان ۾ به داعش اچي وئي آهي جيڪا طالبان ۽ القائده کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي ته ان تي به منهنجو مذاق اڏايو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ مذهبي انتها پسندن  جو خطرو سخت ٿي ويو آهي ۽ اهو  ڏکيو وقت صرف اسان تي نه بلڪه پوري دنيا تي اچي ويو آهي. انهن فرمايو ته حق پرست عوام 38 سالن کان منهنجو ساٿ ڏيندا پيا اچن جنهن تي مان انهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. مان هميشه قوم سان سچ ڳالهايو آهي. جيڪڏهن انهن کي لڳي ٿو ته مان انهن سان ڪوڙ ڳالهايان ٿو ته بيشڪ اهي مون کي ڇڏي سگهن ٿا.جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته الطاف ڀاءُ اوهان هميشه سچ ڳالهايو آهي. پر عقل جي انڌن حڪمرانن کي نظر نه ٿو اچي . انهن پنهنجي خطاب ۾ پيرس ۾ دهشت گردي جي واقعي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ان واقعي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو بي گناھ هلاڪ ٿي ويا آهن. ان واقعي جي ذميواري هڪ عالمي تنظيم قبول ڪئي آهي. انهن فرمايو ته ان قسم جي واقعن جا اولھھ وارن ملڪن تي انتهائي منفي اثر پوندا ۽ ڪجھھ اولھھ وارن ملڪن ۾ مسلمانن جو نالو ۽ پاسپورٽ ڏسندي ئي ان کي مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ هاڻي ته عورتن جو حجاب ۽ مردن جو لباس ڏسي ڪري ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جا واقعا به شروع ٿي ويا آهن. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن يوگنڊا ۽ ڪينيا وانگر انهن اولھھ وارن ملڪن مان مسلمانن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو. انهن فرمايو ته مان ته برطانيه ۽ ٻين اولھھ وارن ملڪن ۾ آباد مسلمانن کي اهو ئي مشورو ڏيئي رهيو آهيان ته اهي پنهنجن مذهبي عقيدن جي مطابق عبادت ضرور ڪن پر ڪنهن ٻئي مذهب يا عقيدي يا جنهن به ملڪ ۾ اهي رهي رهيا آهن ان کي هرگز به خراب نه چون ۽ اتان جي قانون جو احترام ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان پنهنجي سياسي ۽ تحريڪي جدوجهد جي دوران هر ڪنهن جو ساٿ ڏنو پر هر ڪنهن اسان سان ڌوڪو ڪيو ۽ اسان سان طئي ٿيندڙ معاهدن تي عمل نه ڪيو. اسان آصف علي زرداري جو نائن زيرو تي شاندار استقبال ڪيو. انهن کي پنهنجو ڀاءُ چيو، صدر مملڪت جي عهدي جي لاءِ انهن جو نالو ڏنو ۽ هر ڏکئي وقت ۾ انهن جو ساٿ ڏنو پر انهن پنهنجن وعدن جو پاس نه رکيو. چيو ويو هو ته نوڪرين ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي لاءِ 60 سيڪڙو ۽ شهري سنڌ جي لاءِ 40 سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪيو ويندو. پر ان تي به ڪوئي عمل نه ڪيو ويو. شهري علائقن جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو. زندگي جي هر شعبي ۾ سنڌ جي شهري وارن علائقن سان ناانصافي ڪئي وڃي ٿي. انهنکي جائز حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته انهن ناانصافين ۽ حق تلفين جي لڳاتار عمل جي ڪري سنڌ جي شهري وارن علائقن ۾ اها سوچ تيزي سان پروان چڙهي رهي آهي.ته ان صورتحال جو واحد حل اهو آهي تشهري وارن علائقن تي ٻڌل الڳ صوبو هجي جتي انهن کي انهن جا سمورا حق حاصل هجن. انهن فرمايو ته دنيا ۾ اهو ئي اصول آهي ته جڏهن آبادين ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي وڃي ته حڪومت جو انتظام صحيح طور تي هلائڻ جي لاءِ نوان نوان شهر آباد ڪيا وڃن ٿا ۽ صوبا بڻايا وڃن ٿا. سڄي دنيا جي ملڪن جو جائزو ورتو وڃي ته انهن جي آزادي جي وقت انهن جا ڪيترا صوبا هئا ۽ اڄ انهن جي صوبن جي تعداد ٻيڻي ٿي چڪي آهي. پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن جا اڄ تائين اهي ئي چار صوبا آهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد ۾ حيدرآباد جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ تمام تر ظلمن جي باوجود حيدرآباد جي عوام ايم ڪيو ايم جو ساٿ نه ڇڏيو آهي. اها ئي وجه آهي ته مان هميشه اهو چيو آهي ته حيدرآباد منهنجو شهر هو، منهنجو شهر آهي ۽ منهنجو شهر رهندو. انهن فرمايو ته اڄ ڪراچي کان ميرپورخاص تائين حق پرست عوام ۾ جيترو اتحاد آهي ايترو پهرين نه هو. اڄ سڀ گڏ ٿي چڪا آهن اهو سڀ ڪجھھ هڪ ڏينهن ۾ نه بلڪه ان جي لاءِ سالن تائين جدوجهد ڪرڻي پئي آهي. انهن فرمايو ته تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ساٿي مون کان سوال ڪندا هئا ته منزل ڪڏهن ملندي ته مان انهن کي اهو ئي سمجهائيندو هوس ته منزل هڪ ڏينهن ۾ نه ملندي آهي ان جي لاءِ ڊگهي ۽ صبر آزما جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. ان جدوجهد ۾ ڪنڊن تي هلڻو پوي ٿو. جيلن  جون مصيبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ظلم برداشت ڪرڻا پون ٿا، جاني ۽ مالي قرباني ڏڻيون پون ٿيون ۽ انهن تي صبر کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. الله تعالٰي اهو سڀ ڪجھھ ڏسي ٿو ۽ پوءِ جدوجهد ڪرڻ وارن تي پنهنجي رحمت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو. انهن اجتماع جي شرڪاء، سمورن ڪارڪنن ۽ حق پرست عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان پنهنجي اتحاد کي قائم رکو. ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان جدوجهد ڪندا رهو انشاء الله تعالٰي اڄ نه ته سڀاڻي ، سڀاڻي نه ته پريئن اسان پنهنجو حق وٺي ڪري رهنداسين ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪنداسين. 
*****


7/18/2024 6:30:40 AM