پاڪستان تي قابض مراعات يافته طبقي جي حڪمراني جو خاتمو ضرور ٿيندو. فيصل سبز واري.
اقتدار صرف وڏيرن ،جاگيردارن ۽ انهن جي اولادن جي ميراث نه آهي. حق پرست اسيمبلي ميمبر ساجد احمد.
نواب شاھ ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
نواب شاھ: 14 نومبر 2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي لازوال جدوجهد سان پاڪستان تي قابض مراعات يافته طبقي جي حڪمراني جو خاتمو ٿيندو. انهن خيالن جو اظهار فيصل سبز واري مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ سيڪٽر اي جي وارڊن 10 ۽ 13 ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبر هير سوهو، سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميمبر رعنا انصار، عظيم احمد دانش، زونل انچارج عبدالمجيد ۽ ٻيا به موجود هئا. فيصل سبزواري چيو ته نواب شاھ ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا چاهڻ وارا موجود آهن ان جي ڪري اليڪشن ۾ فتح حق پرستن جي ئي ٿيندي.ان کان علاوه حق پرست اسيمبلي ميمبر ساجد احمد خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ايوانن ۾ موڪليو آهي. ان کان پوءِ انهن اليڪشن آفيسن ۾ جهنڊا به ڦڙڪايا.
*****