Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ ٻين جماعتن وانگر ڪوڙا وعدا نه ٿي ڪري بلڪه اها عوام جي عملي طور تي خدمت ڪري ٿي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.


متحده قومي موومينٽ ٻين جماعتن وانگر ڪوڙا وعدا نه ٿي ڪري بلڪه اها عوام جي عملي طور تي خدمت ڪري ٿي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 11/14/2015
متحده قومي موومينٽ ٻين جماعتن وانگر ڪوڙا وعدا نه ٿي ڪري بلڪه اها عوام جي عملي طور تي خدمت ڪري ٿي.رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
جناب الطاف حسين اهڙي سياست کي منافقت سمجهن ٿا جيڪا خدمت جي جذبي کان خالي هجي. رابطا ڪميٽي ميمبر ريحانه نسرين.
حيدرآباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب.
حيدرآباد: 14 نومبر 2015 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته اقتدار ۾غريب ماڻهو اچن ڇو ته اهي ئي پنهنجن غريب ڀائرن جي   مسئلن کي چڱي نموني سمجهي سگهن ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن يوسي 18 ملت آباد ۽ يوسي 31 سرفراز ڪالوني ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه غريبن ۽ 98 سيڪڙو طبقي جي ماڻهن کي ئي اسيمبلين ۾ موڪليو آهي ۽ 19 نومبر تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن ۾ به ايم ڪيو ايم غريبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏنا آهن.ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه ريحانه نسرين چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اهڙي سياست کي منافقت جي سياست سمجهن ٿاجيڪا خدمت جي جذبي کان خالي هجي.ان کان پوءِ انهن صرافه بازار ايسوسي ايشن، تاجران فقير ڪاپڙ ايسوسي ايشن ۽ ريشم بازار جي عهديدارن سان ملاقاتون به  ڪيون ۽ انهن کي اپيل ڪئي ته اهي 19 نومبر تي حق پرست اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪري ڪامياب بڻائين. ان موقعي تي  ايسوسي ايشن جي عهديدارن انهن کي ڀرپور حمايت جي خاطري به ڪرائي. 
*****

7/18/2024 6:41:33 AM