Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لياقت آباد جي رهڻ وارن شهيد ملت لياقت علي خان جي نالي جو مان رکيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.


لياقت آباد جي رهڻ وارن شهيد ملت لياقت علي خان جي نالي جو مان رکيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 11/14/2015
لياقت آباد جي رهڻ وارن شهيد ملت لياقت علي خان جي نالي جو مان رکيو آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل.
ڪالھھ تائين طالبان جون آفيسون کولڻ وارا اڄ ڪراچي وارن کان ڪهڙي منھھ سان ووٽ گهري رهيا آهن. سي اي سي انچارج وسيم اختر.
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب.
ڪراچي: 14 نومبر 2015 
                    رابطا ڪميٽي ميمبر ڪنور نويد جميل چيو آهي ته لياقت آباد جي رهڻ وارن شهيد ملت لياقت علي خان جي نالي جو مان رکيو آهي ۽ هتان حق پرستي جي راھ ۾ پنهنجن جانين جو نذرانو ڏيڻ وارن شهيدن جي تمام وڏي تعداد آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن لياقت آباد الڪرم اسڪوائر تي هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جو انچارج وسيم اختر، اسيمبلي  ميمبر سفيان يوسف، عظيم فاروقي ۽ ٻيا به موجود هئا. ڪنور نويد جميل چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين غريب ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن کي اسيمبلين ۾ موڪليو پر انهن پنهنجي خاندان جي ڪنهن به ماڻهو کي ڪڏهن به اسيمبلي جو ميمبر نه بڻايو آهي. اهو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج موروثي سياست جو خاتمو ڪرڻ چاهين ٿا. ان موقعي تي خطاب ڪندي وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمني جا الزام لڳايا وڃن ٿا ۽ ڪارڪنن کي به گهرن کان گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان جي هزارين ڪارڪنن کي لاپتا ۽ شهيد ڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود  ايم ڪيو ايم جي طرفان ڪابه مزاحمت نه ڪئي وئي آهي اهو ان ڳالھھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ امن پسند جماعت آهي. انهن چيو ته  جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي طالبان جا سياسي ونگ آهن ۽ اهي جماعتون ڪالھھ تائين طالبان جون آفيسون کولڻ جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون پر اڄ اهي ڪهڙي منھھ سان ڪراچي جي عوام کي بي وقوف بڻائي رهيون آهن.  جلسي کي سفيان يوسف ۽ عظيم فاروقي به خطاب ڪيو. 
*****

7/18/2024 6:29:10 AM