Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن ۽ مڪاني اليڪشن جي سرگرمين ۾ مصروف ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن ۽ مڪاني اليڪشن جي سرگرمين ۾ مصروف ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 11/14/2015
رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان مڪاني اليڪشن جي لاءِ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن ۽ مڪاني اليڪشن جي سرگرمين ۾ مصروف ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 14 نومبر 2015 
                    متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان مڪاني اليڪشن ۾ نامزد ڪيل حق پرست اميدوارن ۽ مڪاني اليڪشن جي مهم ۾ مصروف ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر، پوليس ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن اسڪيم 33 معمار سيڪٽر جي ڪارڪن امين ڀٽي ۽ انهن جي پٽ وسيم ڀٽي، لانڍي مان يوسي 2 جي لاءِ نامزد حق پرست اميدوار عبدالله ، برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 22 جي ڪميٽي ميمبر فهيم الدين، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن نديم ظفر ۽ شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 106 جي ڪارڪن محمد شريف کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان مڪاني اليڪشن جي مهم عروج تي آهي ،ان جي باوجود قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان حق پرست اميدوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري سراسر غير قانوني عمل آهي ۽  اهو ان ڳالھھ کي ثابت ڪري ٿو ته ايم ڪيو ايم کي مڪاني اليڪشن جي ورڪ کان روڪڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڪراچي شڪايات ازاله ڪميٽي کان مطالبو ڪيو ته اهي مڪاني اليڪشن جي مهم جي دوران ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن ۽ ڪارڪنن جي بي ڏوهي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي مڪاني اليڪشن جي ضابطه اخلاق تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سخت حڪم جاري ڪن.
*****

7/18/2024 6:39:12 AM