Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پيرس ۾ دهشت گردي جا خوفناڪ واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پيرس  ۾ دهشت گردي جا خوفناڪ واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/14/2015
پيرس  ۾ دهشت گردي جا خوفناڪ واقعا قابل مذمت آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 14 نومبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرانس جي گاڌي جي هنڌ پيرس ۾ دهشت گردي جي خوفناڪ واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ انهن واقعن ۾ 160 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ سوين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته چارلي هيڊو جي آفيس تي دهشت گردن جي حملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي قتل عام کان پوءِ پيرس ۾ خودڪش ڌماڪن ۽ وحشياڻي فائرنگ جي انهن واقعن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اهي دردناڪ واقعا هر دردمند ماڻهو جي لاءِ وڏي ڏک ۽ افسوس جو ڪارڻ آهن. انسانيت تي يقين رکڻ وارو ڪوئي به ماڻهو انهن واقعن جي مذمت ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت منهنجي جماعت ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ پاڪستاني عوام فرانس جي صدر، حڪومت، عوام ۽ خصوصن هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ انهن سان دلي تعزيت ڪن ٿا. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.
*****

7/18/2024 6:24:47 AM