Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جي مستقل رهاڪن جو جيئڻ مرڻ قيامت تائين سنڌ ڌرتي سان وابسته آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سنڌ جي مستقل رهاڪن جو جيئڻ مرڻ قيامت تائين سنڌ ڌرتي سان وابسته آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 11/14/2015
سنڌ جي مستقل رهاڪن جو جيئڻ مرڻ قيامت تائين سنڌ ڌرتي سان وابسته آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اردو ڳالهائڻ وارا به اهڙي طرح ئي سنڌي آهن جهڙي طرح سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي، بلوچ ۽ بروهي سنڌي آهن.
انشاء الله تعالٰي حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي چونڊجي ويندا.
پڪا قلعه حيدرآباد کان علاوه ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ شهداد پور ۾ جلسن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 14 نومبر 2015 
                متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سنڌ جي مستقل رهاڪن جو جيئڻ مرڻ قيامت تائين سنڌ ڌرتي سان وابسته آهي، ان جي ڪري سنڌي ڳالهائڻ وارا سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارا سنڌي هڪ ٻئي جي وجود کي دل سان تسليم ڪن ۽ هڪ ٻئي جي حقن جو  احترام ڪن. انهن فرمايو ته انشاء الله تعالٰي 19 نومبر تي حيدرآباد جا عوام ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا ۽ حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر  بنا مقابلي چونڊبا. انهن خيالن جو اظهار انهن پڪا قلعه حيدرآباد کان علاوه ڄامشورو، ٽنڊو الهيار ۽ شهدادپور ۾ جلسن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين جو خطاب ايم ڪيو ايم ويب ٽي وي جي ذريعي پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ به ڏيکاريو ويو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جا چار صوبا آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاست ۽ پاڪستان جي قيام کان اڳ مسلم اڪثريتي وارا علائقا  ۽ ان وقت به سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ سرحد اتر اولھھ وارا صوبا چورائيندا هئا. هندستان تي قبضي کان پوءِ انگريزن ننڍي کنڊ جي اهڙي ورهاست ڪئي جو هتان جا ماڻهو پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ هندستان تي پنهنجو قبضو مضبوط ڪري پنهنجي تباھ  ٿيل سياسي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائي سگهن. اهو انهي ورهاست جو نتيجو هو جو 1947 ۾ هندستان جي ورهاست جي وقت ننڍي کنڊ جي مسلم اڪثريتي وارن علائقن ۾ هندو مسلم فساد ڪرايا ويا. ڳوٺن جا ڳوٺ باھ ڏيئي ڪري ساڙيا ويا. معصوم ٻارن کي نيزن تي هوا ۾ اڇلايو ويو ۽ پوڙهن والدين جي سامهون انهن جي نوجوان پٽن کي ڪٽو ويو  ۽ اها دنيا جي تاريخ جي سڀني کان وڏي هجرت ٿي. مسلم اڪثريتي وارن علائقن کان هندن هندستان ۽ مسلم اقليتي وارن علائقن مان مسلمانن پاڪستان هجرت ڪئي.انهن فرمايو ته تحريڪ پاڪستان ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد مسلم اقليتي وارن علائقن ۾ ڪئي وئي. انهن علائقن جي آزادي پسندن هندستان کي انگريزن جي تسلط کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ نا قابل فراموش جاني و مالي قربانيون ڏنيون پر افسوس جو تاريخ ۾ انهن آزادي پسندن جو نالو به ورتو نه ٿو وڃي. تحريڪ پاڪستان جي جدوجهد ۾ لکين مسلمانن جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پر اسان جي بزرگن پوءِ به اهو ئي نعرو هنيو ته“ بٽ ڪي رهي گا هندستان..... لي ڪي رهين گي پاڪستان ....۽ سينون پي گولي کائين گي .....پاڪستان بنائين گي” ڇو ته مسلم اڪثريتي وارن صوبن جا عوام اسان جا ڪلمي گو ڀائر آهن. جناب الطاف حسين قرآن پاڪ جي 49 سوره الحجرات جي آيت مبارڪ جو ترجمو بيان ڪندي فرمايو ته اي انسانو اسان توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ويڙهن، ذاتن، برادرين ، قومن ۽ قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو ته جيئن اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. الله تعالٰي اها ورهاست فقط ان جي لاءِ رکي ته جيئن اسان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهون. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم هڪ جمهوري جماعت آهي پر اليڪشن اسان جي منزل نه آهي. اسان اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي. ڪنهن جا به حق نه ڇنيا وڃن ۽ سڀ امن ۽ سڪون سان زندگي گذارين. جناب الطاف حسين فرمايو ته هندستان ۾ اسان جي سڃاڻپ اردو ڳالهائڻ واري هئي. جڏهن اردو ڳالهائڻ وارن هندستان کان پاڪستان هجرت ڪئي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد ٿيا ته انهن جو کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ مرڻ انهي زمين سان وابسته ٿي ويو. اهي مرڻ کان پوءِ سنڌ ڌرتي ۾ ئي دفن ٿين ٿا ۽ اردو ڳالهائڻ وارا  ملڪ ۾ يا ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪو ڪجھھ به ڪمائين ٿا اهو سنڌ ڌرتي تي ئي خرچ ڪن ٿا. هاڻي سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين ۽ اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين جو جيئڻ مرڻ قيامت تائين سنڌ ڌرتي سان وابسته ٿي ويو آهي. پر افسوس جو ان کليل حقيقت جي باوجود عام طور تي سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين جي طرفان اردو ڳالهائڻ وارن کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي. حالانڪه اردو ڳالهائڻ وارا به اهڙي طرح ئي سنڌي آهن. جهڙي طرح سنڌ ۾ رهڻ وارا سنڌي، بلوچ ۽ بروهي سنڌي آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين ان حقيقت کي تسليم نه ڪيو ته پوءِ مان زنده رهان يا نه رهان اڄ جي تاريخ ۾ اها ڳالھھ لکي ويندي ته جيڪڏهن اردو ڳالهائڻ وارن سنڌين ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارن سنڌين هڪ ٻئي جي وجود کي دل سان تسليم نه ڪيو ۽ برابري جي بنياد تي هڪ ٻئي کي حق نه ڏنا ته پوءِ سنڌ جي ورهاست ناگزير ٿي ويندي. انهن سنڌي اڪابرن ۽ دانشورن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا جي واسطي اهي ان روشن حقيقت ۽ سچائي کي دل سان تسليم ڪن ته اردو ڳالهائڻ جي به الڳ سڃاڻپ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حيدرآباد منهنجو شهر آهي ان شهر جي ماڻهن  ايم ڪيو ايم سان پنهنجي محبت جو بار بار ثبوت ڏنو آهي. مڪاني اليڪشن ۾ حيدرآباد جي عوام 200 کان وڌيڪ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن کي بنا مقابلي جي چونڊرايو آهي  جنهن تي حيدرآباد جا عوام زبردست خراج تحسين ۽ مبارڪباد جا مستحق آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته انشاء الله تعالٰي 19 نومبر تي حيدرآباد جا عوام ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائيندا ۽ حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي جي چونڊبا.
*

7/18/2024 6:20:55 AM