Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪندي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي.ڊاڪٽر فاروق ستار


ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪندي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي.ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 11/13/2015
ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪندي ۽ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندي.ڊاڪٽر فاروق ستار
نواب شاھ ۾ پريس ڪانفرنس
نواب شاھ: 13 نومبر 2015
سنڌ ۾ آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم پوري پاڪستان ۾ ننڍا ننڍا انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. جنهن سان سنڌ يا پاڪستان کي ڪوئي به نقصان نه پهچندو. انهن خيالن جو اظهار ڊاڪٽر فاروق ستار نواب شاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهرٰي به موجود هيون. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ اسان جو مقابلو پي پي جي سياسي ڪارڪنن سان نه آهي بلڪه پي پي جي وڏيرن سان آهي. انهن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني اليڪشن ڪرائڻ جي لاءِ  ايم ڪيو ايم موثر جدوجهد ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽس وٺندي ٻني صوبائي حڪومتن کي مڪاني اليڪشن ڪرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف کان 12 ارب روپين جو مطالبو ڪرڻ واري سنڌ حڪومت سيلز ٽيڪس جي مد ۾ گذريل ستن سالن ۾ ٿيندڙ آمدني 420 ارب روپين جو حساب ڏيئي، انهن چيو ته پنجاب ۾ موٽر وي بڻجي رهيا آهن پر سنڌ ۾ هڪ روڊ به موٽر وي جي معيار جو نه آهي. انهن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي سياست ڪرڻ وارن ان جي نالي تي قائم ڪيل بي نظير آباد کي ترقياتي ڪمن جي لاءِ فنڊ نه ڏيئي ڪري ان جو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي رهاڪن کي نه ته پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي ۽ نه ئي ڪني پاڻي جي نيڪر جو نظام درست ڪيو ويو آهي. انهن ان خدشي جو اظهار ڪيو ته مڪاني اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن کي اختيار منتقل نه ڪيا ويندا. جيڪڏهن ائين ٿيو ته ايم ڪيو ايم چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي اختيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائيندي. انهن چيو ته ميونسپل ڪميٽي نواب شاھ ۾ 6 ٻهراڙي وارا  علائقا ملايا ويا ته جيئن ايم ڪيو ايم جو چيئرمين چونڊجي نه سگهي. انهن چيو ته جيڪڏهن 2013 جي اليڪشن جي تاريخ کي ورجايو ويو ته ان جي نتيجن جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت تي عائد ٿيندي. انهن چيو ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. امن و امان کي بحال رکڻ جي لاءِ فوج ۽ رينجر  کي طلب ڪرڻ به ان جو ئي ڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته اسان جي رينجر سان ڪائي ڊيل نه ٿي آهي. آخر ۾ انهن نواب شاھ پريس ڪلب جي صدر محمد انور شيخ سان گڏجي پريس ڪلب جي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو.

7/18/2024 6:39:41 AM